فريد آباد مان کنڀي گم ڪيل ڀائرن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

فريدآباد ( ن ع آ ) فريدآباد ۾ جبري طور کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن رياض ۽ امتياز جي آزادي تائين وارثن پاران مسلسل 12 ڪلاڪ  شروع ڪيل علامتي بک ھڙتال  اڄ ٻئي ڏينھن به جاري رھي. بک ھڙتال ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شھرين ۽ معصوم ٻارڙن شرڪت ڪئي، بک ھڙتال دوران کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن رياض ۽ امتياز جي وارثن  راجا مزمل خاصخيلي. حاجي خان خاصخيلي حسين بشير سنڌي. عارف عمر. فقير نثار سنڌيار،  عباس شفيع خاصخيلي، نظام ڪاشي، اعجاز علي ۽ علي اصغر سميت ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسين نوجوانن جي کنڀجڻ جي ڏينھن کان وٺي ڪورٽن جا در کڙڪائڻ سميت مسلسل پرامن احتجاج ڪندا پيا اچون پر ھينئر تائين وس وارن اختيارين ۽ بااختيار ادارن پاران ڪابه خاطر خواه موٽ ناھي ملي. اسين ھر ھنڌ وڏي واڪي نوجوانن جي بي گناھي ۽ ناانصافي جا واڪا ڪندا پيا وتون پر اسان جو ڪير به آواز ٻڌڻ وارو ناھي، پاڪستاني آئين مطابق چيف جسٽس آف پاڪستان ـ انساني حقن جي ڏيھي توڙي پرڏيھي تنظيمن سميت وس وارن اختيارين ۽ باختيار ادارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسانجي بي گناھ نوجوانن رياض ۽ امتياز خاصخيلي جي جبري گمشدگي خلاف نوٽيس وٺي انھن کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.