ڏوڪري ۾ڳوٺاڻن جو ڳجهڙ ڊسپينسري جي عملي خلاف احتجاج

ڏوڪري (رپورٽ: قاضي آفتاب ) ڏوڪري ڀرسان يوسي ڳجهڙ ۾ پي پي ايڇ آءِ پاران قائم ڪيل ڊسپينسري ۾ مقرر ايل ايڇ وي جو اسپتال ۾ ايندڙ مريضن سان بداخلاقي واري رويئي سان پيش اچڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻن سجاد جوڻيجو، منٺار جوڻيجو، امجد جوڻيجو، محب جوڻيجو، نظر محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته يوسي ڳجهڙ ڊسپينسري ۾ ايندڙ بيمار مريضن سان ايل ايڇ وي قرعتين کوسو ۽  ظهير سولنگي انتهائي بدتميزي جو مظاهرو ڪري رھيا آھن سندن جي اڻ ڍنگي واري رويئي سبب ڳجهڙ ۽ پس گردائي مان ايندڙ مريضن جي دل آزاري ٿي رهي آهي هنن  چيو ته ڳوٺاڻي مشتاق جوڻيجو جي گهر واري مسمات رضيہ خاتون جوڻيجو بيماري سبب علاج لاءِ ڊسپينسري آئي ته ايل ايڇ وي دوا ڏيڻ بدران سندس مٿان ڏمرجي پئي آهي ۽ مڇرجي گارگند ڪيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ايل ايڇ وي ۽  ظهير سولنگي خلاف ڪارروائي ڪري کين يوسي ڳجهڙ ڊسپينسري مان هٽايو وڃي.  ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن پي پي ايڇ آءِ هيڊ آفيس لاڙڪاڻو جي  عبدالرحيم جوڻيجو سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته ڳوٺاڻا درخواست ڏين ته ڳجهڙ ڊسپينسري ۾ مقرر ايل ايڇ وي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايل ايڇ وي جو چوڻ هو ته گار گند ڪرڻ ۽ بدتميزي ڪرڻ جا الزام اجايا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.