محمود آباد نالي تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ ٻئي ڏينهن به آپريشن

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ محمود آباد نالي جي ڀرپاسي  قبضا ڇڏائڻ لاءِ ٻئي ڏينهن به آپريشن، غيرقانوني اڏاوتون ڊاٿيون ويون، اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز اهلڪار مقرر ڪئي وئي هئي، عملي ڳري مشينري سان دڪان، گهر ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، اتنظاميا جو چوڻ آهي ته ٻئي ڏينهن نالي جي آسپاس 7 ڪلوميٽر تائين قبضا ڇڏايا ويا، آپريشن ۾ واٽر بورڊ، اي سي بي سي ۽ روينيو بورڊ جا عملدار به شامل هئا، هي آپريشن 8 جنوري تائين جار رهندو. نالي تي ڪل 15 ڪلوميٽر تائين قائم قبضا ختم ڪرايا ويندا. وڌيڪ 58 عمارتن جي مالڪن کي اهي قبضا پاڻمرادو ڊاهڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.