وفاقي ڪابينا ۾ ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ پيپرا قانونن کان ڇوٽ جي منظوري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ پيپرا رولز کان ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم ملڪي معاملن تي غور سميت ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن ۽ تدارڪ لاءِ انتظامن تي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ پيپرا رولز کان ڇوٽ ۽ پريس ڪائونسل آف پاڪستان جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني وئي.

ذريعن موجب ڪابينا فش پراسيسنگ پلانٽس جي رجسٽريشن بابت انسپيڪشن ڪميٽي جوڙڻ جي به منظوري ڏني، جڏهن ته ريلوي ۽ بچاءَ واري وزارت وچ ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي اڏاوت ۽ ادارن جي سڌارن لاءِ ڪميٽي جي 17 ڊسمبر جي فيصلن تي منظوري پوئتي ڪئي وئي.

اجلاس پاڪستان ايڪسپو سينٽرز جي چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري سان گڏوگڏ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 31 ڊسمبر جي فيصلن جي به منظوري ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.