پي آءِ اي جو برطانيا مان رڳو هڪ مسافر کي پاڪستان آڻڻ جو منفرد رڪارڊ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) پنهنجي خاص اڏام ذريعي هڪ هڪ مسافر کي مانچسٽر کان اسلام آباد پهچائي منفرد رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن پي آءِ اي جي خاص چارٽر فلائٽ پي ڪي 9702 ذريعي رڳو هڪ مسافر برطانيا کان پاڪستان پهتو.

ان حوالي سان پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان سفري پابندين سبب برطانيا جي شهر مانچسٽر کان اسلام آباد ايندڙ اڏام ۾ رڳو هڪ مسافر کي وطن واپس آڻڻ جي اجازت ملي هئي.

سي اي اي عبدالرزاق چوڌري کي ڪورونا وائرس جي لازمي ٽيسٽ تحت اجازت ڏني هئي، جنهن جو واسطو پنجاب جي شهر گجرات سان آهي.

ترجمان موجب مانچسٽر کان اسلام آباد پهچندڙ جهاز ۾ 371 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش هئي پر جهاز جو قومي ايئر لائن جي فضائي ٻيڙي سان ڪو واسطو ناهي، هاءِ فلاءِ جو چارٽر جهاز فيري فلائٽ طور پاڪستان لاءِ پلان هو.

هن ٻڌايو ته جهاز ۾ سوار مسافر کي پاڪستاني حڪومت انساني همدردي جي بنياد تي موٽڻ جي اجازت ڏني، هو ميت سان گڏ پاڪستان پهتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.