گلشن اقبال: سنسار پبليڪيشن پاران سچل ڳوٺ ۾ رعايتي ڪتابي ميلو

سنسار پبليڪيشن پاران ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ جي مين گيٽ ڀرسان اڄ کان رعايتي ڪتابي ميلو شروع ڪيو ويو جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو، ڪتابي ميلي جو افتتاح سچل ڳوٺ جي مختلف سياسي سماجي ڌرين ڪيو ، ان.موقعي تي سنسار پبليڪيشن جي سرواڻ اسلم کٽياڻ ، ناليواري شاعر بيدل مسرور، حريف چانڊيو  ۽ ٻين جو چوڻ هو ت  هي ڪتابي ميلو ڪلچر ۽ ايڪتا جي باري ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي،  اڄ جو مطالعو ڪندڙ نوجوان مستقبل جو ليڊر بڻجي سگهجي ٿو.ڪتاب سجاڳي آڻين ٿا ، سچل ۽ ويجهن علائقن جا نوجوان هتان اچي ڪتاب خريد ڪن ۽ ڪتاب کي تحفي طور دوستن کي ڏين

هنن چيو ته ڪتاب پڙھڻ جي رجحان کي وڌائڻ لاء ڪتابي ميلا ضروري آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.