يو اي ايِ پاڪستان لاءِ ويزا پاليسي ۾ تبديلي بابت آگاهه ناهي ڪيو: پرڏيهي ترجمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن پاڪستان لاءِ ويزا پاليسي ۾ تبديلين بابت آگاهه ناهي ڪيو.

اسلام آباد ۾ هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي زاهد حفيظ چوڌري چيو ته اسرائيل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، فلسطينين کي حق ملڻ تائين اسان اسرائيل کي تسليم نه ڪنداسين.

هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي جي مهم هلائي رهيو آهي، ظلم سان ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي دٻائي نٿو سگهجي، اميد ته اسلامي سهڪار تنظيم سڀاڻي اجلاس ۾ ڪشمير تي سخت موقف اختيار ڪندي.

سندس موجب پاڪستان دشمن ڀارتي سرگرمين تي ٻڌل ڊوزيئر کي يورپي يونين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن کانسواءِ او آءِ سي جي رڪن ملڪن سان شيئر ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جو افغانستان دورو اهم هو، افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام خطي جي مفاد ۾ آهي.

زاهد حفيظ چوڌري آمريڪا جي حوالي سان ٻڌايو ته پاڪستان نئين آمريڪي انتظاميا سان گڏيل لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خطي جي خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

گڏيل عرب امارتن جي معاملي تي هن چيو ته پاڪستان لاءِ ويزا پاليسي ۾ تبديلين بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو، گڏيل عرب امارتن ۾ انفرادي واقعن کي ڪنهن ملڪ جي شهرين سان جوڙڻ مناسب ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.