سال 2020ع جا سستا ۽ پائيدار ايئر پوڊز

سڄي دنيا ۾ بي شمار ٽيڪنالاجي ڪمپنيون ايئر پوڊز متعارف ڪرائي چڪيون آهن جڏهن ته ايپل جا ايئر پوڊز خريدڻ هر عام انسان جي پهچ کان ٻاهر آهي.

جيڪڏهن توهان قيمت وڌيڪ هئڻ جي ڪري ايپل جا ايئر پوڊز نٿا خريدڻ چاهيو ته اسان توهان کي سال 2020ع جي سستن ۽ پائيدار ايئر پوڊز جي باري ۾ ٻڌائينداسين.

1- اِسڪل ڪينڊي جِب ٽرو:

آمريڪي ڪمپني اسڪل ڪينڊي جي ايئر پوڊز جي قيمت ايتري آهي جو کيسي تي بار نه پوندو جڏهن ته ان جي ڊيزائن ۽ پائيداري جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اِهو به بهترين آهي.

اسڪل ڪينڊي جي جب ٽرو ايئرپو پوڊز جي قيمت 30 ڊالرز آهي يعني پاڪستاني لڳ ڀڳ 4 هزار 822 رپيا، ايئر پوڊز هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ تي لڳاتار 6 ڪلاڪ جو بيڪ اپ فراهم ڪندا آهن.

2- ون پلس بڊز زي:

ون پلس بڊز زي گهٽ قيمت ۾ ڪجهه فيچرز سان گڏ پيش ڪيا ويا آهن، ان ايئر پوڊز جي قيمت 50 ڊالرز آهي يعني پاڪستاني تقريبن 8000 رپيا آهي.

ان ايئر پوڊز ۾ آٽوپوز فيچر آهي يعني توهان انهن ايئر پوڊز کي جيئن ئي ڪنن مان ڪڍندا ته هي پاڻ ئي بند ٿي ويندا.

3- سوني ڊبليو ايف ايڪس بي 700 ايئر بڊز:

سوني جي ڊبليو ايف –ايڪس بي 700 ايئر بڊز جي سڀ کان خاص ڳالهه اِها آهي ته هن کي چارج ڪرڻ کان پوءِ هي 9 ڪلاڪن تائين جو بيڪ اپ فراهم ڪندا آهن.

انهن ايئر بڊز جي قيمت هونئن ته 100 ڊالرز آهي پر عام طور تي هي سيل ۾ 68 ڊالرز ۾ خريدي سگهجن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.