ڪراچي ۾ سوسائٽي جي پلاٽن تي قبضي جو الزام

گلشن اقبال (ن ع آ)سپر سائيٽ ٿاڻي جي حد ۾ قبضا مافيا سنڌي مومن هائوسنگ سوسائٽي جي فلاحي پلاٽن اسڪول،مسجد،راندين جي ميدان ۽ گهرن جي پلاٽن تي قبضو ڪيو آهي جنهن خلاف هائوسنگ سوسائٽي جي چيئرمين علي احمد ناريجو ميڊيان سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي سوسائٽي ۾ 395 الاٽيز آهن جيڪي هاء ڪورٽ سنڌ ۾ رجسٽر به ٿيل آهن پر فيڪٽري مافيا جا ماڻهو حدجي  ٿاڻي جي ملي ڀڳت سان سمورن فلاحي پلاٽن ۽ گهرن تي قبضو ڪري وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن عمل خلاف آواز اٿارڻ تي اسان کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ خريد ڪرڻ جي به ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسين واضع ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪنهن به غريب جو گهر قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ قانوني رستو اختيار ڪنداسين وزيراعلي سنڌ ۽ سڪريٽري ڪوآپريٽو سوسائٽي معاملي جو نوٽيس وٺي حقدارن کي گهر ڏياري انصاف فراهم ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج پڻ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.