ماٿيلي جي مغوي نينگري نه موٽي، پوليس ٻوٽو ٻاريو، احتجاج

ميرپورماٿيلو(رپورٽ:نصرالله گڏاڻي) ميرپورماٿيلو مان مبينا طور اغوا ٿي ويل ڏھ ورھين جي نياڻي ساجدھ کوکر جو ڏس پتو نه پيو، ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي  ٻيڻو نه ڪيو، الزام ھيٺ آيل ڌر جو ميرپورماٿيلو پريس ڪلب آڏو احتجاج، الزام جي ترديد، ساجدھ کوکر جي اغوا کي ڊرامو قرار ڏيندي کيس ظاھر ڪرڻ ۽ اھلڪار علي نواز کوکر کان تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو. تفصيل موجب: ميرپورماٿيلو مان 4 ڏينھن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ڏھ ورھين جي ساجدھ کوکر جو ڏس پتو نه پئي جي سگھيو آھي، جڏھن ته ميرپورماٿيلو پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي،ان سلسلي ۾ علينواز کوکر پريس ڪلب پھچي پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته ميرپورماٿيلو پوليس سندس معصوم ڌيء ساجھ کي بازياب ڪرائڻ لاء ڪي قدم ناھن کنيا، ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود ايس ايڇ او خالد ميمڻ ملاقات ڪرڻ لاء تيار ئي ناھي، ھوڏانھن ڪشمور جي رھواسي الزام ھيٺ آيل ڌر فداحسين ابڙو جي اڳواڻي ۾ ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ته ساجدھ کوکر کي ھنن اغوا ناھي ڪيو ۽ نه ئي ساجدھ کوکر کي سنڱ چٽي طور ڏيڻ جو ڪو جرڳو ٿيو آھي،ھنن چيو ته ساجدھ کوکر کي سندس پيء پوليس اھلڪار علينواز کوکر ۽ ڀاء علي مراد کوکر پاڻ لڪائي اغوا جو ڊرامو رچائي اسان مٿان ڪوڙو الزام مڙھي رھيا آھن ۽ ھنن اڳ ۾ ڪيترا ڊرامھه ڪري ڪيترائي ڪوڙا ڪيس ڪيا آھن،ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان شفاف انڪوائري ڪري ساجدھ کوکر کي برآمد ڪرڻ ۽ علينواز کوکر کان تحفظ ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.