خادم رضوي کي سچ ڳالھائڻ تي مارايو ويو آھي: راشد محمود

پنوعاقل:رپورٽ(نور محمد سومر)آمريڪا سميت يورپي ملڪ اسلام دشمني تي لھي آيا آھن،انسانيت جي دعوا ڪندڙ ماڻھن کي بي ڏوھ  قتل ڪرائي رھيا آھن، تحريڪ لبيڪ جي سربراھه خادم رضوي کي سچ ڳالھائڻ تي مارايو ويو آھي، مولوين کي ڏاڙھي ۽ پٽڪو ھجڻ جي ڏوھ ۾ چونڊجڻ جي باوجود ايوانن کان ٻاھر رکيو وڃي ٿو، سنڌ ۾ ڪٿي به مسئلو يا سنڌ جي حقن جي ڳالھ ٿي آھي ته اتي اسان جي جماعت پھريان پھچي ٿي ۽ مرڻ گھڙي تائين اسلامي نظام جي ناحفظ ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ شھيد والد جيان رات جي آخري ڦڙي تائين جھدوجھد جاري رھندي،اھڙو اظھار جمعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو ھتي عظمت اسلام ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته  عمران نيازي کي ان ڪري وزير اعظم چونڊرايو ويو آھي جو ھو مھانگھائي،بي روزگاري ۽ بد امني جي ڌٻڙ ۾ عوام کي ڦاسائي ملڪ تي حاڪميت ڪندڙ آزاد ھجن، هن چيو ته جستائين جيرا آھيون انسانيت جي خدمت سنڌ جي حقن لاءِ جھدوجھد ڪرڻ ۽ اسلام جي سر بلندي لاءِ آواز اٿارڻ جاري رھندو،ڪانفرنس ۾ مولانا عبدالقيوم ھاليجوي،مولانا اسد اللھ کھوڙو،مولانا محمد صالح انڍڙ،اظھارالحق سميت عالمن خطاب ڪيو،ھوڏانھون لاڙڪاڻي ۾ رٿيل شھيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.