ٺٽي ۾ لاڪ ڊائون جي فيس نه ڏيڻ تان شاگردن تي تشدد، احتجاج

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي ۾ پرائيوٽ اسڪول لاڪ ڊائون جي فيس ادا نہ ڪرڻ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين تي سخت تشدد ڪري اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو، شاگردياڻين روئندي احتجاج ڪري انتظاميا کان نوٽيس جو  مطالبو ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ ٺٽي شھر ۾ قائم نجي اسڪول ”ايور گرين“ ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردياڻي سندس، شاگردن فرحان، فھد ۽ ٻين پنھنجي والدين سان گڏ پريس ڪلب ٺٽو پھچي اسڪول انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي سنڌ حڪومت، تعليم کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کان معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف جي گھر ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته سندن والدين پورھيت آھن، مزدوري ڪري گھر جو سيڌو سامان به وٺي ٿو ۽ اسڪول جي فيس به ادا ڪري ٿو، لاڪ ڊائون ۾ سمورو ڪاروبار ۽ روزگار بند ھئڻ ڪري ڪا به ڪمائي نه ٿي، جنھن ڪري لاڪ ڊائون جي فيس اسڪول انتظاميا نه ڏئي سگھياسين، جيڪا لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ بعد ٿوري ٿوري ڪري فيس ادا ڪريون پيا پر ان باوجود اسڪول انتظاميا ساڻن ناروا سلوڪ رکي ٿي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسڪول ٻاھران بيھاري تذليل ڪئي وڃي ۽ اسڪول انتظاميا فيس لاءِ ذھني ٽارچر پڻ ڪري ٿي.  ھنن چيو تہ گذريل ڏينھن فيس جو بھانو بنائي مٿن سخت تشدد ڪري اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو آھي، سندن والدين غريب آھن، معاملي جو نوٽيس وٺي تعليم جو حق ڏياريو وڃي.

خيرپور جي اسڪول ۾  استادن جي کوٽ برقرار ، تعليم تباهه

خيرپور ( ڊ ر ) خيرپور ڀرسان قديمي ڳوٺ ڏانورو جو پرائمري اسڪول ۾ گذريل 20 سالن کان استادن جي کوٽ برقرار آهي، ان  سلسلي ۾ ڏانورو جي رهواسين ناليواري سماجي اڳواڻ شيردل زاهد خان ڦلپوٽو ، شوڪت علي ڦلپوٽو ،الطاف حسين ڦلپوٽو ۽ ٻين اسڪول آڏو شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته هن اسڪول ۾ ڀرپاسي جي 12 ڳوٺن جا  300 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون هن اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ، پر افسوس آهي جو تعليم کاتي جي نااهلي سبب 300 شاگردن لاءِ اسڪول ۾ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، ٻيا 5 استاد مقرر آهن جيڪي انتظاميا جي نااهلي سبب نه پيا اچن  هنن ٻڌايو ته هڪ استاد سوين شاگردن کي ڪيترئي عرصي کان پڙهائڻ جي ڪري ذهني بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته استاد نه هجڻ جي ڪري اسان جا ٻار سڄو ڏينهن اسڪول ۾ وقت اجايو ضايع ڪري تعليم پرائڻ کانسواءِ گهر موٽي اچن ٿا، جن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري شاگردن ۽ والدين ۾ سخت مايوسي پکڙيل آهي،  جنهن جون شڪايتون ڊي او خيرپور،چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي وارن کي ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، اسڪول جي هيڊ ماستر استاد علي خان ڦلپوٽو چيو ته مان اڪيلو ڄڻو 300 شاگردن کي تعليم نٿو ڏئي سگهان ، هن ٻڌايو ته هن اسڪول ۾ 6 استادن جي سخت ضرورت آهي ،چوڪيدار ۽ پٽيوالو به مقرر ٿيل ناهي، ان موقعي تي بشير ڦلپوٽو، خانڻ ،احسان ، ڪمن ،علي خان ،رشيد ۽ ٻيا موجود هئا،

ڇاڇري ۾ ڪورونا ظاهر ٿيڻ تي اسڪول بند

ڇاڇرو(ت ر ) ڇاڇرو ھائيرسڪنڊري اسڪول ۾ 2 ڏينهن اڳ ڇھ شاگردن کي ڪورونا وائرس ظاهر ٿيڻ بعد ٿرپارڪر جي ڪمشنر ۽  تعليمي کاتي جي ڊي او جي حڪم تي هاءِ اسڪول ڇاڇرو کي ڏھ ڏينهن لاءِ بند ڪري اسڪول کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن تي ڪورونا وائرس جي شاگردن کي پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي.

ڪرپشن ڪيس ۾گرفتار تعليم کاتي شڪارپور جي ڪاموري جي ضمانت رد

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو)  سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر۾ شڪارپور تعليم کاتي جي ڪاموري ممتاز ڪلوڙ پاران پنهنجي وڪيل نثار  ڀنڀرو معرفت ضمانت لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس فهيم احمد صديقي ۽ جسٽس خادم حسين تنيو جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جو وڪيل نثارڀنڀرو ۽ نيب پراسيڪيوٽر پاران دليل پيش ڪيا ويا، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته منهنجو موڪل ڪيتري ئي عرصي کان جيل ۾ آهي، کيس ضمانت ڏني وڃي، جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر پاران ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ممتاز ڪلوڙ جي ضمانت رد ٿيڻ لاءِ دليل پيش ڪرڻ بعد ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جسٽس فهيم احمد صديقي ۽ جسٽس خادم حسين تنيو ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواستگذار جي وڪيل پاران ضمانت واري استدعا رد ڪندي نيب پراسيڪيوٽر پاران ضمانت رد ڪرڻ واري استدعا قبول ڪندي ضمانت رد ڪري ڇڏي، اد رهي ته تعليم کاتي شڪارپور ۾ ٿيل ڪرپشن واري ڪيس ۾ نيب سکر پاران تعليم کاتي جي ڪاموري ممتاز ڪلوڙ کي گرفتار ڪيو هو جيڪو ڪافي عرصي کان سکر سينٽرل جيل ۾ قيد آهي.

کوکرا پار لڳ اسڪول عمارت کان محروم، احتجاج

کوکراپار(ن ع آ) ملير جي يونين ڪائونسل ملھ قديمي ڳوٺ ھاشم خاصخيلي ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هنن 73  سالن ۾ اسڪول لاءِ ڪا به سرڪاري عمارت نه جڙي سگهي آهي جنهن سبب موجوده حالتن ۾ پرائمري ۽ سيڪينڊري اسڪول خانگي عمارت ۾ ڪرائي تي هلي رهيا آهن جنهن ۾  400 چار سئو ٻار پراڻن ڪمزور ڪمرن ۾ پٽ تي ويهي پڙهڻ تي مجبور آهن، جن کي صرف 10 استاد پڙهائي رهيا آهن جڏهن ته 400 ٻارن لاءِ 15 استادن جي سخت ضرورت آهي ٻئي طرف  اسڪول جي مالڪ کي گذريل يارنهن سالن کان تعليم کاتي ملندڙ ماهوار ڪرايو به بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن تعليم کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي تنبيھ ڪئي آهي ته 31 ڊسمبر تائين کيس ڪرايو ادا نه ڪيو ويو ته هو پنهنجي عمارت خالي ڪرائي ڇڏيندو، ان سلسلي ۾ سخت پريشاني ۾ مبتلا ٻارن جي والدين ۽  ڳوٺاڻن جو اسڪول اڳيان  احتجاجي ڪٺ گهرايو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي بعد ڌرڻو هنيو ويو . ڪٺ ۾ يونين ڪائونسل اڳوڻي وائيس چيئرمين اختر خاصخيلي، سماجي اڳواڻن الطاف خاصخيلي، محمد سليم ٻاپڙو ، عبدالرحيم برفت، منٺار علي ڀنگر، خير محمد جوکيو، ۽ بين ڳالهائيندي چيو ته ھاشم خاصخيلي ڳوٺ صديون اڳ قائم آهي پر بدقسمتي سان هن ڳوٺ جي هزارين ماڻهن ۽ سوين ٻارن جي تعليم لاءِ اڃان تائين اسڪول جڙي نه سگهيو آهي هڪ ڳوٺاڻي پنهنجي ذاتي عمارت ڪرائي تي اسڪول کي ڏني جنهن ۾ هن وقت چار سئو کان وڌيڪ ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهنئ

چيلهار جا اسڪول مسئلن ۾، تعليم کاتو تماشائي

چيلھار (رپورٽ:جتيندر باغي)  چيلھار ۽ ڀرپاسي جا ڪيترائي اسڪول مسئلن جي ور چڙھيل ھئا، انھن مختلف اسڪولن جا  تعليم کاتو مسئلا حل ڪرائڻ بدران اسڪول ئي بند ڪري ڇڏيا جئين نه رھي بانس نه بجي. عوامي آواز چيلھار سروي ڪئي تي اھا معلوم ٿيو جيڪي بند پيل اسڪول آھن تن ۾ گورمينٽ پرائمري مين گرلس اسڪول چيلھار، گورمينٽ پرائمري مين اسڪول اڪليون سميجا گورمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ستلا بند پيل آھن. گورمينٽ پرائمري راٺي ڪالوني اسڪول گورمينٽ پرائمري مولاڻي اسڪول گورمينٽ پرائمري راساڻي ڪالوني اسڪول گورمينٽ پرائمري مين اسڪول ڏاڪيڏار سميت ڪيترن ئي اسڪولن ۾ سوين شاگرد داخل ھئا اھي اسڪول مختلف مسئلن جئين شاگردن کي پڙھائڻ فرنيٽچر چارديواري بلڊنگ جي مرمت پاڻي بجلي سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا نظر آيا  .اسڪول بند ٿيڻ ڪري اسڪول ۾ داخل سوين جي تعداد ۾ پرائمري جا گرلس/بوائز شاگرد تعليم پرائڻ لاء دربد آھن انھن اسڪولن کي کولڻ لاء ڪيترائي دفعا گھر ڪئي آھي پر مجال آھي تعليم کاتي جي ضعلي تعلقي جي ڪامورن جي اڄ ڏيھين تائين سوين گلن جھڙي معصوم ٻارڙن جي تعليمي مستقبل تي رحم آيو ھجي.

آريجن جي اسڪول ۾فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ، تعليم متاثر

خير محمد آريجا (رپورٽ : سيد عطا محمد شاھه) خير محمد آريجا شهر جي مين گورنمنٽ ڪئمپس هاءِ اسڪول ۾ جنرل رجسٽر جي داخلا مطابق پهرين درجي کان  ڏهين جماعت تائين 1135 شاگرد داخل آهن 1135 شاگردن کي پڙهائڻ جي لاءِ تعليم کاتي لاڙڪاڻي جي انتظاميا پاران اسڪول ۾ 28 استاد مقرر ڪيا آهن ۽ اسڪول ۾ شاگردن مطابق فرنيچر جي 80% کوٽ آهي هوڏانهن ان سلسلي ۾ شاگردن جي والدين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته گورنمنٽ ڪئمپس هاءِ اسڪول ۾ شاگردن مطابق استادن ۽ فرنيچر جي تمام گهڻي کوٽ آهي جنهن جي ڪري شاگردن کي بهتر تعليم جي لاءِ سخت ضرورت آهن ان موقعي تي شاگردن جي والدين وزيراعليٰ سنڌ تعليم کاتي جي صوبائي ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا گورنمنٽ ڪئمپس هاءِ اسڪول ۾ ضرورت مطابق استاد مقرر ڪيا وڃن ۽ فرنيچر جي تمام گهڻي کوٽ آهي ضرورت مطابق اسڪول فرنيچر به فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اسڪول ۾  شاگردن کي بهتر تعليم ڏني وڃي هنن وڌيڪ چيو ته  شاگردن جي اعليٰ تعليم ۽ مستقبل جي لاء بهتر قدم کنيا.

گهوٽڪي ۾اسڪول جي ڊرائيور کي پگهار نه ملي، پاڻ ساڙڻ جي ڌمڪي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪيءَ جي نجي عماره ايجوڪيشن لا ڪاليج جي مالڪ طرفان اسڪول جي ويگن ڊرائيور عبدالقادر  ڪليري ولد مير محمد ڪليريءَ کي پنجن مهينن جون پگهارون ڏيڻ کان کٿو جواب ڏيئي ڇڏيو ،ڊرائيور طرفان عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ،ٻي طرف انصاف نه مليو ته باھ ڏيئي ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو هن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجا معصوم ٻار فاقا ڪشيءَ ۾ مبتلا آهن جڏهن ته عماره ايجوڪيشن لا ڪاليج گهوٽڪي جي مالڪ پگهار نه ڏيڻ کان کٿو جواب ڏيئي ڇڏيو .هوڏانهن سياسي سماجي تنطيمن جي اڳواڻن سيف عباسي ،ملوڪ ڀٽو ،امان الله چارڻ ۽ ٻين سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي گهوٽڪي کان گهر ڪئي آهي ته هڪ پورهيو ڪندڙ هڪ غريب ڊرائيور کي فورن پنجن مهينن جون پگهارون ڏياريون وڃن اگر ٻي حالت ۾ ڊرائيور ڪو انتهائي قدم کنيو ته ان جي ذميواري گهوٽڪي جي نجي عماره ايجوڪيشن لا ڪاليج جي مالڪ مٿان هوندي انهن عماره اسڪول جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته فورن ڊرائيور عبدالقادر ڪليريءَ کي پگهارون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ عماره ايجوڪيشن لا ڪاليج جي انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.