پيرڳوٺ لڳ ماءُ ۽ ڌيءَ تي تشدد جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) وڏا مهيسر لڳ ڳوٺ قادن ميتلو ۾ زمين تي ڪم ڪندي بااثر جوابدارن هٿان تشدد ۽ مبينا تذليل جو شڪار  بڻايل سڪينه ميتلو ۽ سندس ڌيءَ گجر ميتلو جي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي، نه ئي اختيارين نوٽيس ورتو آهي. ان ڏس ۾ پيرسن سڪينه ميتلو ۽ سندس ڌيءُ گجر ميتلو پيرڳوٺ ۾ صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ بااثر نعيم ميتلو، ڍولو، شاهنواز ميتلو حملو ڪري تشدد ڪيو، وارن کان گھليو ۽ ڪپڙا ڦاڙي تذليل جو نشانو بڻايو، پر وڏا مهيسر پوليس هن مهل تائين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان کي ڌاٻا ۽ خاموش رهڻ جو چئي رهي آهي. ايس ايس پي حملي آور بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڪوٽڙي شادي نالي تي ٺڳجي ويل همراهه به عدالت پهتو

ڪوٽڙي ( ن ع آ ) ڪوٽڙي سائيٽ جي رهواسي  نظاالدين پنھور ڄامشورو جي عدالت پهچي ايڊوڪيٽ منصور ابڙو جي معرفت  سيشن جج وٽ درخواست ڏني آهي ته ڪجھه ڏينھن اڳ جويريا جي ڀيڻيوي ۽ ارباب منهنجو رشتو ڪرايو هو ۽ مون کان ڏاج ڏانوڻ لاءِ پنجاسي هزار جڏهن لک رپيا ٻيو خرچ ڪرائي نڪاح ڪرايو هو جنهن ۾ ڪافي معزز پڻ موجود هئا، نڪاح بعد مسمات جويريا مون وٽ هڪ رات رهڻ بعد سندس وارث ستواڙي لاءِ وٺي ويا ۽ ان عورت ڪورٽ سڳوري پهچي مون مٿان ڪوڙي درخواست ڪئي آهن چيو ته مونسان وڏي ٺڳي ڪئي وئي آهي انصاف ڪيو وڃي جنهن تي ڪورٽ سڳوري ايندڙ پهرين تارخ تي ڌرين کي طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.