جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

سيد يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ سنگت کي سمجهائيندي چيو ته ”گلگت ۽ بلتستان واري اليڪشن عوام کي گهڻو ئي سبق سيکاري ڇڏيو آهي، اسڪرين تي نتيجي ۾ پ پ کي 5 سيٽون مليون، جيڪي وري ٻئي ڏينهن 3 ٿي ويون، جنهن کان پوءِ بلاول نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي، ڌرڻي جي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي، پر جن پي ٽي آءِ کي کٽايو، تن ايئن پئي چاهيو، جيئن عوام ڏسي ۽ ٻڌي رهيو آهي، جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، ۽ هاڻ وري ڪو نئون اشو عوام آڏو آڻي، توجهه ٻئي طرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، خدا ڪري ته خير خيريت سان سڀ ڪجهه ٿي وڃي، نه ته علائقي ۾ دشمن پنهنجون مڪمل تياريون ڪري، اسان ڀر وارن ۽ اسلامي ملڪن کي تنگ ڪرڻ، سياسي طرح سوڙهو ڪرڻ، معاشي بدحال بڻائي، عوام جو توجهه سندن ذاتي ننڍن مسئلن ڏانهن ڇڪايو پيو وڃي، ڀلي ڪرڪيٽ ميچ هجي يا ٻيو ڪو معرڪو هجي، مقصد پهرئين ڳالهه جا پير ڊاهي، نئين ڳالهه ڏانهن عوام جو ڌيان ڇڪائي ڇڏجي، گلگت بلتستان ۾ هميشه حاڪم وقت ئي حڪومت ڪندا آهن، هينئر به ائين ٿيو آهي، نئين ڳالهه اها آهي ته بلاول جي جاکوڙ کي جس ملي رهيو آهي، اهو دوست هجي يا دشمن، سڀئي اهو مڃي رهيا آهن، ته بلاول اليڪشن کٽي چڪو، ۽ ادارا ٻئي نمبر تي آيا، پر چاٻي ۽ نتيجا جن جي هٿن ۾ هئا، تن ته اهي نتيجا ڏيکاريا، جيڪي انهن کي ڏيکارڻا هئا، ان مان سمجهي وڃون ته اهو صوبو ٿيندو، ۽ ان جي صوبائي حڪومت تحريڪ انصاف جي هوندي، ڇو ته هڪ طرف وڏي اڪثريت، ٻيا آزاد ميمبر سڀ عمران خان کي ئي اهميت ڏيئي رهيا آهن، ۽ ادارن جي مرضيءَ سان ووٽ وجهندا، تحريڪ انصاف جي حڪومت جو اهو صوبو وڌندو، ۽ اسان صرف ان اليڪشن مان اها خوشخبري حاصل ڪئي آهي، ته بلاول ڀٽو زرداري هاڻ واقعي وڏو ٿي ويو آهي “

تڏهن مواليءَ ٽهڪ ڏيندي چيو ته “جوڳي… اسان پهرئين چوندا آيا آهيون ته بلاول کي هاڻ ڪنهن جي لکيل تقرير پڙهڻ يا ڀر ۾ ڪنهن مددگار کي بيهارڻ جي ضرورت ئي نه آهي، هو اڪيلو ئي شينهن آهي، ۽ اصلي شينهن ته آهي ئي آصف زرداري، جنهن جي حڪمت عملي اڄ ادارن کي به ڪم اچي رهي آهي، ۽ عنقريب وري جيڪي قوتون مغرب مان ويهي، اسان کي بي سڪون بنائڻ لاءِ، چين سان تعلق ڦٽائڻ لاءِ ۽ اسان جي ايٽمي ٽيڪنالاجيءَ کي ڊسٽرب ڪرڻ لاءِ، ڪئين ڪرتوت ڪري رهيا آهن، ساڳئي وقت انڊيا جيڪو پاڻ ئي وڏي مشڪل ۾ اچي ويو آهي، اهو به پنهنجي وڏي بجيٽ پاڪستان ۽ ڪشمير کي ڏکيا ڏينهن ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته مسلمانن جي بيت المقدس تي مڪمل قبضو ڪرڻ لاءِ يهودين جي يلغار به ڪئي پئي وڃي، سندن مرڪز ۽ هيڊ ڪوارٽر بنائڻ لاءِ چون پيا ته ايندڙ سال ۾ اڳواڻ يا سندن گرو ظاهر ٿيندو، ۽ پوءِ بيت المقدس ۾ ان جو تخت و تاج قائم ڪيو ويندو، جتان ويهي هو سموري دنيا کي اسرائيل جو وليج بنائي حڪومت ڪندو، اهو انهن جو خواب آهي، نقلي امام مهدي هي موڪليندا رهندا آهن، انهن تي فلمون به ٺاهيندا رهندا آهن، هينئر ٽيڪنالاجي ايڏي تيز ٿي ويئي آهي، جو تازو انهن هڪ تجربو ڪري، هولو ٽيڪنالاجيءَ وانگر هڪ مري ويل ٻارڙيءَ جي روح کي پنهنجي پيءَ سان ملاقات ڪرائي ڳالهرايو، پر هو پنهنجي ڌيءَ کي هٿ نه لاهي سگهيو، ۽ اها هولو ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ به متعارف ٿيل آهي، ۽ بلاول ان کي استعمال ڪندي، تقريرون به ڪندو رهيو آهي، ته ماڻهو ڪهڙو به مري ويل هجي، يا جيئرو هجي، ان کي ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي جتي به هو ڏيکارڻ چاهين، ڏيکاري سگهن ٿا،  اهو ٽيڪنالاجيءَ جو ڪمال آهي، نه ڪي سندن روحانيت جو ڪو سلسلو آهي، اهڙي طرح جيئن ڪورونا مان ڪئين ڪهاڻيون جنم وٺي ويون، ۽ وري نئين لهر ذريعي نوان داستان جڙي رهيا آهن، بلاول کي به وقت جو انتظار آهي، جڏهن هي سڀ پاڻ ۾ وڙهي جهڙي هڪ پاسي ٿيندا، ته پوءِ اڪيلو ئي بلاول ادارن جو سرمايو هوندو.“

ڪامريڊ سليم طنزيه ٽوڪ هڻندي چيو ته ”موالي… جهوني جوڳيءَ توکي سمجهايو پر تو نه سمجهيو، اها ٽيڪنالاجي ڪيڏو به عروج حاصل ڪري، ڀلي هو نقلي امام مهدي ٺاهين، اسلام کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڇا به ڪن…؟ جمهوريت جو ڪهڙو به مهانڊو مٽائين، پر عمران خان جي نصيب ۾ هيءَ حڪومت پنج سال پورا ڪرڻ کان علاوه ٻيا پنج سال به سوچي سگهجي ٿو، ڇو ته ڪورنا جي ٻي لهر کان پوءِ عمران خان سمورا جلسا، جلوس ۽ تقريبات بند ڪري، سياسي ملاکڙن کي ماٺ ڪرائي، مخالفن کي ماٺ ڪرائڻ جو ماحول شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيئن سردي وڌندي ماڻهن جو مرڻ وڌندو، تيئن خوف ڏيارڻ واريون قوتون اسان جي گهرن ۾ ويٺل پوڙهن پڪن کي ڊيڄاري، خوف ۾ ماري، ڪورونا جو ڪم تيز ڪنديون، ڀلي اسان کي ان جي لاءِ ڊبليو ايڇ او يا عالمي ادارن طرفان ڪيتريون به امدادون ملن، پر هن ملڪ جو عوام هاڻ ن ليگ ۽ پ پ کان پري ٿي، عمران خان کي پنهنجو بنائي چڪو آهي، گلگت جي اليڪشن جو نتيجو پوري پاڪستان کي قبول ڪرڻو پوندو، ايندڙ اليڪشن ۾ به نتيجا اهڙي ئي قسم جا ايندا، ۽ اهو ٽيلر جيڪو سمجهندو، ان کي ئي پوري فلم سمجهه ۾ اچي ويندي، سيارو سوڙين ۾ گذرندو، اڃان سرديءَ جا مينهن پوندا، وري مارو ويچارا ڊسٽرب ٿيندا، وري عمران خان کي سڀني کي منهن ڏيڻ لاءِ پن جو پيالو کڻڻو پوندو، ۽ عمران خان هاڻ ڪشمير واري مسئلي ۽ پاڪستان جي مسئلي سان گڏ، سي پيڪ ۾ سست رفتاري جي ذميوار قوتن جي اڳيان گوڏا نه کوڙيندو، بلڪه اهڙو حل آڻيندو، جو جمهوريت به قائم رهندي، ۽ عوام جي خوشحالي به  موٽي ايندي، عنقريب اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي، جو جيئن ڪوئٽا جو بصر آيو، ته بصر جو اگهه اڌو اڌو ڪري هڪ سو جي بدران پنجاهه تي وڃي پيو، اهڙي طرح کنڊ به هڪ سو جي اندر پئي ڦرندي، ساڳئي وقت اٽي سان به هاڻ جيڪا ايندڙ فصل کان اڳ ئي ڏيساوري ڪڻڪ ظاهر ٿيندي، ۽ عوام تائين پهچندي ته پوءِ اهو اٽي جو بحران به ختم ٿيندو، بقول نجومين جي جيڪڏهن 20 ڊسمبر کان پوءِ عمران خان پاڻ کي بچائي ويو، ته پوءِ پورا پنج سال به ڪڍندو ۽ نئون منشور به متعارف ڪرائيندو، ۽ وري ايندڙ دور جو حاڪم ٿيڻ جي تياري شروع ڪندو.“

تڏهن مون چيو ته ”ادا… سڀڪو پنهنجي پيو ٻڌائي، هن وقت ۾ ملڪي سطح تي جهڙي ڌانڌلي اليڪشن ۾ آمريڪا ۾ بقول ٽرمپ جي ٿي آهي، ساڳي ڌانڌلي گلگت بلتستان ۾ به بيان ڪئي پئي وڃي، پر سڀ هڪ ٻئي تي الزام هڻندي وقت ڪڍي ويندا، جنهن لاءِ وڏن ڏاهن جو اهو تاريخي جملو عرض آهي، ته “هي وقت به گذري ويندو“، ڪورونا جي ڪري جلسا جلوس بند هوندا، اسڪول به ايندڙ هفتي ۾ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو، نيب وري ساڳي گرمي ڏيکاريندي، ڪجهه آفيسرن ۽ ٻين سياستدانن کي سوڙهو ڪري، ثبوتن سميت جيل موڪلي سگهي ٿي، ۽ تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو جن اڳ ڪامياب ڪرائي وفاقي وزير کي هٽرايو، ۽ ان پارٽيءَ کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو به ويو، پر هاڻ وري ٻين جي نسبت ان کي ماحول ميسر ڪري، ۽ مطالبا ڪرائي، ان کي اهميت ڏياري، ٻين نين اسرندڙ يا تيار ٿيندڙ قوم پرست ليڊر ۽ وفاقي سياسي پارٽين جي جوڙ ۾ ويهاربو، ته اهي جونيئر هوندا، ۽ لبيڪ تحريڪ وارا انهن ۾ سينئر هوندا، اهڙي قسم جي خبر آهي، ته جيڪي ايم ڪيو ايم ۾ ليڊر پرڏيهه ويٺل هئا، سي هاڻ ملڪ اندر اسلام آباد ذريعي اچن پيا، ۽ پنهنجي شريف هئڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺي، ڪراچيءَ ۾ اچي سياست ڪرڻ جي تياري وٺي رهيا آهن، يعني ڇٽل ڪارتوس ۽ هارايل جواري، وري پاڻ ۾ گڏبا ۽ تن کي وري پٽڪي ٻڌائي، سياسي جدوجهد لاءِ ميدان ۾ لاهي، هڙتالون ڪرائي، وري ويچارن کي جيل ڀيڙو ڪري، انهن ئي کي ايندڙ اليڪشن جي لاءِ تيار ڪيو ويندو، پر گڏوگڏ نيون پارٽيون پڻ متعارف ڪرائي، ۽ ادارن جي پنهنجين مخصوص سيٽن جو تعداد وڌائي، انگ ايترو هٿ ۾ رکڻو آهي، جو اقتدار جي ڪرسيءَ کي ڪيڏانهن به ورائڻ چاهجي، ته آرام سان تبديل ڪري سگهجي، هن اليڪشن ۾مولانا فضل الرحمان جو ڪردار خاص ڏسڻ ۾ نه آيو، سڀني کي خبر آهي ته ادارن سان سڀني جون ڳالهيون آخري مرحلن تي پهچي چڪيون آهن، ۽ ن ليگ سان جهڙي گلگت اليڪشن ۾ ٿي آهي، اهڙي ايندڙ اليڪشن ۾ به ٿي سگهي ٿي، ۽ ڪئين قابل تعريف ن ليگي اڳواڻ ادارن جي حڪمت عمليءَ تحت بغاوت ڪري، ٻين پارٽين ڏانهن هليا ويندا، ۽ جهڙي قسم جي حڪومت گلگت ۾ ٺهي رهي آهي، اهڙي نموني جي واقعي ايندر اليڪشن پاڪستان ۾ به ٿي سگهي ٿي، ۽ نتيجا اهڙا ئي نڪرندا جو گڏيل حڪومت مالڪن جي مرضيءَ واري ئي هوندي، پر بلاول انهن اڳواڻن ۾ اڳيان اڳيان هوندو،  قومي اليڪشن ۾ به سندس ڪردار ۽ قد ڪاٺ عمران خان کان وڌايو ويندو، پر جيستائين ٽرمپ جي حڪومت ختم ٿئي ۽ نئين صدر جي حڪمت عملي سامهون اچي، تيستائين سڄي دنيا جي سياست غير يقيني حالتن جو شڪار آهي ۽ رهندي.“

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.