ٽنڊو مستي لڳ ٽريڪٽر ڪلٽي، ڊرائيور چيڀاٽجي فوت

ٽنڊومستي (ن ع آ )  ٽنڊومستي ڀرسان ڳوٺ شيرخان چانڊيو ڀرسان سيمينٽ جي بلاڪن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي  جنهن جي  نتيجي ۾ تعلقي روهڙي جي ڳوٺ ڀٽ نورشاھ لڳ ڪنڌرا واسي  ٽريڪٽر ڊرائيور 35ساله نوجوان علي بخش پٽ نورمحمد سروهي ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي ڇيپاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويو بعد ۾ ٽنڊومستي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ايڪسيليٽر ذريعي ٽريڪٽر کي کڻي لاش ٽريڪٽر هيٺان ڪڍرائي ايمبولينس ذريعي پوسٽ مارٽر ڪرائڻ لا۽  کڻي سول اسپتال خيرپور  پهچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .ئي طرف  ٻڌايو پيو وڃي ته ٽريڪٽر ڊرائيور ڳوٺ شيرخان چانڊيو ۾ نئين واٽرڪورس جي هلندڙ ڪم لاءِ سيمينٽ جا بلاڪ  ٽريڪٽر ٽرالي تي کڻي اچي رهيو هيو ته چاڙھي تي چڙهڻ   مهل ٽريڪٽر اوچتو ڪلٽي ٿي پيو ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور هيٺان اچي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.