رولو ڪُتن جي آزار خلاف نتيجا ڏيندڙ مهم هلائڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾هڪڙي پاسي ”ڪورونا“ جا وار جاري آهن ته ٻئي پاسي سنڌ جي شهرين کي رولو ڇتن ڪُتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن ۾ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان واڌ اچي رهي آهي. ان مان ايئن لڳي ٿو ته سنڌ ۾”رولو ڪُتن جو راڄ“ آهي. جنهن جو نشانو عورتون، پوڙها ۽ ننڍڙا ٻارڙا آساني سان بڻجن ٿا. وڌندڙ واقعن ۾شهرين جو ايئن مرڻ اسان لاءِ افسوسناڪ آهي. بدقسمتي سان ملڪ جي اسپتالن اندر ڪُتي جي چڪ کان بچاءُ واري وئڪسين نه هجڻ جي برابر آهي. ايئن لڳي ٿو ڄڻ عوام کي رولو ڪُتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.

هلندڙ هفتي جي رپورٽن موجب مختلف شهرن ۾رولو ڪُتن جي ڏاڙهڻ جا ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن، جن ۾50 ڄڻن کان وڌيڪ شهري متاثر ٿيا آهن. ڇنڇر ڏهاڙي لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف هنڌن تي رولو ڪتن 12 ڄڻن کي ڏاڙهيو آهي، ساڳئي ڏينهن ٽالهيءَ ۾ٻن اسڪولي ٻارڙين کي چڪيو. آچر ڏهاڙي سنڌ جي مختلف شهرن ۾رولو ڪُتن 20 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪيو آهي. جڏهن ته جهنڊو مري ۾ڏاڙهيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو! ساڳي ڏينهن لاڙڪاڻي، ٽنڊوباگو، نيو سعيد آباد، واهي پانڌي، ڪلوئي ڏيپلو، ڇاڇرو، ڏاهلي، پَکي، سچل ڳوٺ ۽ ٻين شهرن ۾واقعا پيش آيا آهن. سومر ڏهاڙي ملير، واهي پانڌي، پڪاچانگ، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، چونڊڪو ۽ ٻين علائقن مان واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن.  ڪالهوڪين خبرن موجب پني عاقل ۾رولو ڪُتن چئن ٻارن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو آهي، لکي غلام شاهه ۾عورت سميت 8 زخمي، احمدپور ۾چئن ٻارڙن کي ڪُتن ڏاڙهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڇاڇري تعلقي ۾ٻن مهينن دوران 40 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي ٿيا ۽ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي. مختلف واقعن تي ٽائون آفيسرن سميت يوسي سيڪريٽريز تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اُهي ذميوار پڻ آهن.

سنڌ ۾وقتن بوقتن اهڙن واقعن خلاف عوام پاران آواز اُٿاريو ويندو آهي پر حڪومت ۽ حڪمرانن جي اِها روايت رهي آهي ته جيستائين قومي ميڊيا تي آواز نه اُٿاريو ويندو تيستائين ڪجهه نه ڪيو ويندو. پاڻ ڪجهه عرصو اڳ ڏٺوسين ته لاڙڪاڻي ۾حسنين نالي نينگر کي ڇتن ڪُتن جي ڏاڙهڻ جو واقعو پيش آيو هو، جيڪو قومي ميڊيا جي زينت بڻيو، ان واقعي کانپوءِ حڪمرانن اکيون ته کوليون پر وري اگهور ننڊ سمهي پيا. حڪومت جيڪر ان واقعي کانپوءِ ڪجهه ڪري ها ته روز مرهه جا هي واقعا پيش نه اچن ها.

توڙي جو صحت کاتي جي سڄي بجيٽ حڪمرانن جي کيسن ۾وڃي ٿي، غريب ويچارا بنا علاج جي اسپتالن جي درن آڏو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندا آهن. هونئن ته سنڌ ۾سُڌاري جي نالي تي ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا ويا آهن پر سوال اِهو آهي ته جيڪا حڪومت ورهين کان ڪُتي جي ڏاڙهڻ کان بچاءُ واري وئڪسين مهيا نه ٿي ڪري سگهي، اُها ڪورونا کان بچاءُ جو علاج ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟ ڪتن جي چڪڻ جا گهڻو ڪري واقعا ننڍن ٻارڙن سان پيش ايندا آهن، ان لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪُتا مار مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، جيڪا رڳو ڪاغذن تائين محدود نه هجي، ڇو ته هي انساني جانين جي بقا جو سوال آهي.

ٻار مستقبل جا معمار ۽ قومن جو سرمايو هوندا آهن. جيڪڏهن اسان اُنهن جو تحفظ ڪري نٿا سگهون ٿا ته پوءِ ادارن جي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟ ڇا رڳو بجيٽ جاري ڪري پاڻ هر ذميواري کان آجو ٿي وينداسين؟ هر معاشري ۾رهڻي ڪهڻي جو ذميوار ميونسپل ادارو هوندو آهي، پر هتي هِن اداري جو ڪم ئي اُبتو آهي. بجيٽ ڪرپشن جي نذر ڪري ملازم گهر ويٺي پگهار پيا کڻندا آهن. هِن صورتحال ۾سُڌاري ۽ بهتريءَ جي اُميد رکجي ته ڪنهن مان رکجي؟

اسان سمجهون ٿا ته عوام جي بچاءَ ۽ تحفظ جي ذميواري چونڊيل نمائندن، ادارن ۽ حڪومت تي هوندي آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هر ڀيري رڳو نوٽيس وٺڻ مان ڪم نه هلندو، هي وقت عملي ڪم ڪري ڏيکارڻ جو آهي. ان ۾ڪو شڪ ناهي ته وبائي صورتحال سبب اسان مختلف بحرانن جي ور چڙهيل آهيون، پر ان ڳالهه کي بنياد بڻائي ڪم نه ڪرڻ غلط عمل آهي، جنهن سان مامرا حل ٿيڻ بدران ويتر وڌي وڻ ٿيندا ۽ اهڙن نوعيت جي واقعن ۾به اضافو ٿيندو، جيڪو اسان سڀني لاءِ نقصانڪار هوندو. ان لاءِ اسان وفاقي توڙي سنڌ سرڪار کان پُرزور مطالبو ٿا ڪيون ته رولو ڪُتن جي آزار خلاف نتيجا ڏيندڙ مهم هلائي ان سان گڏوگڏ ننڍين وڏين وئڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.