سي پيڪ اٿارٽي بابت ترميمي بل 2020 منظور

اسلام آباد ( م ڊ ) رٿابندي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي سي پيڪ اٿارٽي ترميمي بل 2020 جي منظوري ڏئي ڇڏي. جنيد  اڪبر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي رٿابندي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر به شرڪت ڪئي. اجلاس جي پڌرنامي موجب اڪثريت راءِ سان سي پيڪ اٿارٽي ترميمي بل 2020 منظور ڪيو ويو، اجلاس ۾ شريڪ 7 ميمبرن بل جي حق ۾ ۽ 5 مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. پڌرنامي موجب ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال، محمد سجاد، جنيد انوار، سردار عرفان ڊوگر ۽ پيپلزپارٽي جي آغا رفيع الله مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. رٿابندي واري وزارت موجب سي پيڪ اٿارٽي جي خاتمي کانپوءِ چيئرمين سي پيڪ اٿارٽي عاصم سليم باجوه ڪا به پگهار ناهي ورتي، آرڊيننس جي خاتمي بعد چيئرمين ڪو به ميمورنڊم آف انڊر اسٽيڊنگ ( ايم او يو) صحيح ناهي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.