بلال سعيد ۽ مومنه مستحسن پاران  گيت ”باري 2“ جلد رليز ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار بلال سعيد ۽ مومنه مستحسن پنجابي رومانوي گيت ”باري“ جي مشهور ٿيڻ کان پوءِ مداحن کي انگيت جو ري ميگ جلد رليز ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

رومانوي گيت باري گذريل سال رليز ڪيو ويو هو جنهن ۾ گلوڪارا مومنه مستحسن ۽ گلوڪار بلال سعيد پنهنجي سريلي آواز جو جادو جڳايو هو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Momina Mustehsan (@mominamustehsan)

مومنه مستحسن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته باري گيت جي ڪهاڻي هڪ اهڙي نوجوان ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪا ٽٽل دل باوجود محبت کي هڪ ٻيو موقعو ڏئي ٿي.

هن پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ٽٽل دل سان محبت کي ٻيو موقعو ڏيندڙ ڇوڪري جي ڪهاڻي ۾ اڳتي ڇا ٿيو؟ ان بابت جلد ئي مداح باري 2 ۾ ڏسندا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Bilal Saeed (@bilalsaeed_music)

ٻي پاسي بلال سعيد به انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته باري 2 ۾ مومنه کي ڏسي هٿ تي چانهه ڪري پئي؟.

واضح رهي ته مومنه ۽ بلال سعيد جي گيت ”باري“ کي يوٽيوب تي هن وقت تائين 8 ڪروڙ 92 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.