نوشهره ويندڙ مسافر ڪوچ کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، 10 ڄڻا فوت

نوشهره (ويب ڊيسڪ) ڪاڪا صاحب کان نوشهره ويندڙ مسافر بس کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس موجب نوشهره ويندڙ مسافر ڪوچ پيران جي جاءِ تي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، حادثي سبب 100 ڄڻا فوت جڏهن ته 16 زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب حادثو ڪوچ جي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، فوتين ۾ 2 عورتون ۽ 8 مرد شامل آهن.

حادثي ۾ هڪ ٻار ۽ ٻيا 16 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته مسافر محنت مزدوري لاءِ وڃي رهيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.