ڀرياسٽي ۾ شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو

ڀرياسٽي (رپورٽ: مجيد ڪيريو)ڀرياسٽي ۾ محرابپور جي شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي پريس ڪلب جي اڳيان سوين صحافين چار ڪلاڪ تائين  احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هنيو. سنڌ صحافي اتحاد ويلفيئر آرگنائيزيشن جي مرڪزي چيئرمين ايم ظفر تڳر، اختر چانڊيو، بچل هنڱورو، اختر حسين چانڊيو، اخلاق جوکيو، قاضي اياز عالم، غلام شبير اڄڻ، محمد جڙيل منگي، مجيد ڪيريو، راڻا عبدالستار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جا پيرا پ پ بلاول ٽرين مارچ ڏي وڃي رهيا آهن، عزيز ميمڻ هڪ بيباڪ صحافي هيو، سچ لکڻ تي هن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل جي آءِ ٽي مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، قتل جو ماسٽر مائيڊ مشتاق سهتو مهل تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. ان کي سياسي پٺ ڀرائي آهي، هنن چيو ته صحافي ڪنهن به حوالي سان خاموش نه رهندا. ان موقعي تي صحافي اتحاد ويلفيئرارگنائيزيشن مرڪز پاران اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ آچر تي مورو پريس ڪلب جي اڳيان احتجاج ڪيو ويندو ۽ جلد گورنر هائوس پڻ احتجاج ڪيو ويندو،. جڏهن ته احتجاجي ريلي ۾ پ پ شهيد ڀٽو، ايس ٽي پي، ن ليگ اڳواڻن سميت ٻين وڏي تنظيمن طرفان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.