گلگت بلتستان ۾ پرامن چونڊون اڳ ڪڏهن ناهن ڏٺيون: شيخ رشيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ تحريڪ انصاف کي 13 سيٽون کپن، جيڪي پوريون ڪري ويندي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته گلگت بلتستان چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي 13 سيٽون کپن، جيڪي پوريون ڪري ويندي، پي ٽي آءِ ۽ پ پ جو مقابلو ٿيندو، ن ليگ کي چوٿين نمبر تي ٿو ڏسان.

هن چيو ته پ پ جون 5 کان 7 سيٽون ڏسي رهيو آهيان، ن ليگ کي گلگت بلتستان ۾ هڪ يا ٻه سيٽون ملنديون.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ سڀني پارٽين پرامن جلسا ڪيا، پرامن چونڊون ٿيون، اهو حساس علائقو ۽ عالمي سازش جو حب آهي، جي بي ۾ پرامن چونڊون اڳ ڪڏهن ناهن ڏٺيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.