پي آءِ اي جي 35 سئو ملازمن کي فارغ ڪرڻ جون تياريون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آءِ اي) جي 35 سئو ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو منصوبو تيار ٿي ويو.

ذريعن موجب پي آءِ اي ملازمن کي رضاڪاراڻي عليحدگي اسڪيم تحت فارغ ڪيو ويندو، رضاڪاراڻي عليحدگي اسڪيم لاءِ 12 ارب 87 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رضاڪاراڻي اسڪيم جو منصوبو منظوري لاءِ اي سي سي ۽ وفاقي ڪابينا کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب ناڻي بابت صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اهم اجلاس 16 نومبر تي طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي پي آءِ اي ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي منصوبي تي غور ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.