ٽنڊو مستي ۾ پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊومستي  (رپورٽ :  طاهرخان بروهي )ٽنڊومستي  چانڊيا مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف آبپاشي عملي خلاف  احتجاجي مظاهرو، ان موقعي تي  مظاهري جي اڳواڻي شمن خان ۔محمد بخش، يعقوب خاصخيلي، عطا حسين، حاجن خان چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا، ان موقعي تي هنن آبپاشي عملدارن خلاف سخت ناريبازي ڪندي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته چانڊيا مائينر جو داروغو منير چانڊيو ۽ ايس ڊي او ايريگيشن ڪينگري محمد بچل ڪانهر ڏوڪڙن عيوض منڍ جي آبادگارن کان مائينر ۾ غيرقانوني لوليون ۽ جهٽا ۽ ونجيون هڻائي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آھن ۽ اسان کي  پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڏيکاري پڇڙي جي آبادگارن کي هٿ سان نقصان پهچائي رهيا آهن، جڏهن ته ڪڻڪ، ڪمند ۽ گاهه جي موسم شروع آھي، پر اسان جون زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري بنجر بڻجي رهيون آھن جنهن سبب اسان کي ڪافي نقصان جو انديشو آھي، اڳ۾ ئي ووڻن جي فصل مٿان وائرس جي حملي سبب سٺي پيداوار نه کڻي سگهيا آھيون، ويتر اهي ايريگيشن جا عملدار اسان تائين پاڻي نه ٿا پهچائين ۽ اسان حقن تي ڌاڙو هڻائي رهيا آھن مظاهرين سخت ناريبازي ڪندي ڊي سي خيرپور ۽ آبپاشي جي اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل داروغي ۽ ايس ڊي او کي فوري طور هٽائي مائينر جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائي اسان جي ٻچڙن جي روزي تنگ ٿيڻ کان بچائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.