گلشن اقبال : دنبا ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول ۾ انعامن ورهائڻ جي تقريب

گڏاپ جي دنبا ڳوٺ جي سرڪاري اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سماجي اڳواڻ فياض پالاري پاران اسڪول بيگز ،گفٽ، ۽ روڪ انعام  ورهايا ويا. تقريب سپر هاءِ وي تي واقع دنبا ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول ۾ رکي وئي. تقريب ۾ سماجي اڳواڻ فياض پالاري ، چاند مير پالاري ، فريد پالاري ،نسيم پالاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي فياض پالاري چيو ته سرندي وارن ماڻهن تي اهو فرض آهي ته هو علائقي جي مستحق شاگردن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾  پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن  سنڌ سرڪار کي اپيل ڪندي چيو ته سرڪاري اسڪولن جي تعليم جي معيار کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جا ٻار بهترين تعليم حاصل ڪري دنيا جي سڌريل ملڪن جي ٻارڙن سان مقابلو ڪري سگهن.

تقريب کي دنبا ڳوٺ جي مختلف اسڪولن جي استادن پڻ خطاب ۽ ٻارڙن ۾ اسڪول بيگز، گفٽ ۽ روڪ انعام پڻ ورهايو ويو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.