راولپنڊي ۾ شاهد خاقان کي موبائل هڻڻ جي ڪوشش

راولپنڊي ( م ڊ ) راولپنڊي ۾ مسلم ليگ ن جي ورڪز ڪنوينشن ۾ شڪي شخص اسٽيج تي ويٺل اڳواڻن تي موبائيل فون اڇلائڻ جي  ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڪارڪنن پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. راولپنڊي ۾ مسلم ليگ ن جو ورڪرز ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي، جنهن دوران هڪ شڪي شخص اسٽيج تي مبينا طور موبائيل اڇلائي، جيڪا ڪنهن کي به نه ملي، ڪارڪنن شڪي شخص کي سوگهو ڪري حوالي ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته موبائل فون ن ليگ جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي ڏانهن اڇلائي وئي، جيڪا کيس نه ملي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪنوينشن ختم ٿيڻ تائين کيس موبائل فون اڇلائڻ جي واقعي جي ڄاڻ نه هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.