ٺٽي جي ساڃاهه وندن پاران وڌندڙ مهانگي تي ڳڻتي ظاهر

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي ساڃاھ وندن ملڪ ۾ صحت توڙي وڌندڙ مھنگائي ۽ بيروزگاري واري صورتحال کي   انتھائي خطرناڪ قرار ڏيندي عالمي مالياتي ادارن کان قرضن ۽ قسطن جي ادائيگي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تہ قرضن جي قسطن ۾ ڇوٽ ڏئي اھي پئسا صحت ۽ تعليم تي خرچ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي. جيم خانہ مڪلي ۾ سماجي تنظيم ڌرتي ڊولپمينٽ سوسائيٽي پاران ”قرض نہ صحت“ جي عنوان سان سڏايل سيمينار کي سماجي اڳواڻ منصور ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ ملڪ ھِن وقت عالمي قرضن ۾ جڪڙيل آھي،  2019ع، 20ع ۾ عالمي مالياتي ادارن جو پاڪستان مٿان 44،563.9 بلين آمريڪي ڊالر ھو، جنھن ۾ آبادي جي بنياد تي ھر فرد ڄمڻ کان 524 آمريڪي ڊالر قرضي آھي. جڏھن تہ 2019ع ۾ 14.58 آمريڪي ڊالر عالمي مالياتي ادارن کي قرض واپس ڪيو ويو آھي. ھن چيو تہ گذريل ٻن ڏھاڪن کان پاڪستاني معيشت وڏن معاشي ۽ بنيادي مسئلن کي منھن ڏئي رھي آھي. ھنن چيو تہ عالمي ادارن کي پاڪستان جي موجودہ صورتحال موجب قرضن جي قسطن واري ادائيگي ۾ ڇوٽ ڏين ۽ اھي پئسا صحت ۽ تعليم جي بھتري لاءِ خرچ ڪيا وڃن، غريب عوام مشڪلاتن واري زندگي گھاري رھي آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.