ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 16 فوتگيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب اڄ وڌيڪ 16 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 16 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ هيل تائين ان وبا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 6 هزار 654 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ وڌيڪ 567 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ ڪيسن جو گڏيل انگ 3 لک 23 هزار 19 ٿي چڪو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب فوت ٿيندڙ 16 ڄڻن مان 10 جو واسطو پنجاب، 5 جو سنڌ ۽ هڪ جو بلوچستان سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.