ماٿيلي ۾ بااثر گاڏي بيهاري روڊ بند ڪري ڇڏيو

ميرپورماٿيلو  (ن ع آ) ميرپورماٿيلو شھر ۾ حڪومتي ڌر سان تعلق رکندڙ ۽ ڇڄڻ برادري جي سردار سردار نظير احمد ڇڄڻ شھرين لاء عذاب بڻجي ويو، گذريل ڏينھن منجھند جو سردار نظير لنڊ پنھنجي لينڊ ڪروزر گاڏي وچ روڊ تي ۽ رانگ سائيڊ گاڏي بيھاري سڄي شھر جي ٽريفڪ جام ڪري ڇڏي آھي، عوامي آواز TV ميرپورماٿيلو جي نمائندي پاران وچ روڊ تي گاڏي بيھاري شھرين کي آزار ۾ وجھڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڄاڻايل حڪومتي ڌر جي سردار نظير ڇڄڻ غلطي تسليم ڪرڻ بجاء سنڌ جي حڪمرانن کي گاريون ڏيندو رھيو ۽ چوندو رھيو تہ حڪومت پاران ميرپورماٿيلو ۾ روڊون تعمير نہ ڪرڻ ۽ اوور برج پلون نہ ٺاھڻ سبب شھري عذاب ھيٺ آھن، ياد رھي تہ سردارن،سندن فرزندن،پوليس آفيسرن ۽ بااثرن پاران گاڏيون روڊ تي بيھاري ٽريفڪ جام ڪرڻ معمول بڻيل جنھن سبب شھري ٻٽي عذاب مان گذري رھيا آھن، پر مجال جو پوليس بااثرن جو گاڏيون سائيڊ ڪرائي روڊ کولرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.