ڪلوئي ۾اوباش نوجوانن کان تنگ ناري جو آپگهات، جاچ جو حڪم

ڪلوئي ( رپورٽ : نواز لنڊ ) ڪلوئي : ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا آپگهات ڪندڙ ڇهن ٻارن جي ماءُ،( ح ) کي اوباش ماڻهن پاران تنگ ڪري خودڪشي ڪرڻ واري خبر عوامي آواز ۾ ڇپجڻ بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار  حسن نيازي معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران ناري جي وارثن ۽ ايس ايڇ او ڪلوئي کي مٺي آفيس طلب ڪري ناري جي مبينا آپگهات کان ٻه ڏينهن اڳ ڏنل درخواست تي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته مبينا آپگهات ڪندڙ ناري جي وارثن عيسا لنڊ مڙس خير محمد لنڊ نصرالله خان محمد لنڊ ۽ ۽ ٻين ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪندي دانهيو ته ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد بااثر ڌر جي اوباش ماڻهن رات جي وقت اچي کين موتمار ڌمڪيون ڏيئي ڏنل ناري جي مبينا آپگهات کان ٻه ڏينهن اڳ واري درخواست تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو.  هنن دانهيو ته مبينا آپگهات ڪندڙ ناري جي مڙس پاران آپگهات کان ٻه ڏينهن اڳ واري درخواست ۾سندس مڙس خير محمد دانهيو ته رات جي وقت ڪجهه اوباش ماڻهن پاران ننڊ ۾ اٿاري هٿيارن جي زور تي کيس هراسان ڪيو ويو پر ان باوجود ٿرپارڪر پوليس ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ڪئي هئي پوليس ۽ ادارن مان انصاف نه ملڻ ڪري ناري ذهني دٻاءُ ۽ پريشانيءَ سبب مبينا آپگهات ڪيو هو . هنن دانهيو ته ناري جا ڇھ معصوم ٻار جيڪي بيمار پڻ رهن ٿا يتيم ۽ لاوارث بڻجي چڪا آهن جوابدارن خلاف جلد ڪاروائي ڪئي وڃي هنن اعلي اختيارين کان انصاف ڏيارڻ مطالبو ڪيو آهي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌر جو چوڻ آهي ته اسان تي لڳايل الزام غلط آهي جڏهن ته ايس ايڇ او ڪلوئي پنهل خان رند جو چوڻ آهي ناري جي مبينا آپگهات کان اڳ ڏنل سندس وارثن واري درخواست تي ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران کيس انڪوائري جو حڪم مليو آهي جلد جاچ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.