متحد اپوزيشن جا جلسا ۽ حڪمرانن جي پريشاني

عبدالمجيد بروهي

پي ڊي ايم جي جلسن ۽ ريلين کان اڳ ۾ حڪمران سڪون ۾ ھيا کين شايد ڪنھن پڪ ڏياري ھوندي تـ ھي سڀ ڪڏھن بـ ھڪ اسٽيج تي نـ اچي سگھندا ڪڏنھن بـ گڏجي نـ سگھندا ۽ عوام کي ساڻن ڪو بـ لڳاءُ نـ آھي ھي سڀ ناڪام ٿيندا عوام کي موٽ نـ ڏيندي پر ٽين رات جڏهن گجرانوالا جي جلسي کان اڳ جڏھن متحدا اپوزيشن پاران لاھور کان ريليون ڪڍيون ويون تـ سڀ حيران پريشان ٿي ويا حڪمران جي سڪون کي ڦٽائڻ لاءِ اھي ريليون ئي ڪافي ھيون. لاھور کان گجرانوالا لاءِ مريم نواز جو قافلو نڪتو تـ سڀني اھو چيو تـ مولانا ۽ مريم نواز جا ماڻھون پنجاب ۾ آھن ان جي لاءِ انھن سان ايترا ماڻھون اچي سگھن ٿا باقي پ پ پ چيئرمين جو جيڪو استقبال ۽ جوش جذبي سان آڌر ڀاءُ سنڌ واسي ڪندا آھي انجي ھڪ حصي جيترا ماڻھون بـ ھن سان ريلي ۾ گڏ نـ ھوندا پر جڏھن لالا موسيٰ کان گجرانوالا لاءِ بلاول ڀٽي جو قافلو نڪتو سڀني کي ڏندين آڱريون اچي ويون ان تي اردو ميڊيا جا نمائندا حيران ٿي چوڻ لڳا تـ بلاول ڀٽي جو قافلو ڏسي اسان کي شھيد راڻي ياد اچي ٿي جنھن جوش جذبي سان پـنجاب جا جيالا پنھنجي ڀيڻ شھيد راڻي جو ساٿ ڏيندا ھيا ان ساڳي جذبي سان اڄ سندس فرزند سان گڏ آھن لالا موسيٰ کان پندرنھن ڪلوميٽر تائين بلاول سان گاڏين جو قافلو ھيو جيڪي ھزارين گاڏين تي ٻڌل ھيو. بلاول ڀٽي جو استقبال جنھن انداز ۾ مختلف شھرن ۾ ڪيو ويو اھو پڻ ڏسڻ وٽان ھيو. وزير آباد ۽ گجرات ۾ سندس گاڏي کي ھزارين جيالا چنبڙي ويا ۽ زوردار نعرا ھڻندي زندا ھي بيبي زندا ھي ويلڪم بلاول ويلڪم جا زوردار نعراھڻندا رھيا. ڪجھه ڪلاڪن جو سفر سڄي ڏينھن جي سفر ۾ بدلجي ويو مختلف جڳھن تي جيالن جي جوش ۽ پيار ڀري آڌرڀاءُ کي ڏسي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جيالن جي محبت کي ڏسي مجبورن گاڏي مان ٻاھر نڪري کين خطاب پڻ ڪندو رھيو جنھن وچ ۾ جيالا پرجوش انداز ۾ چارون صوبون ڪي زنجير بلاول ڀٽو بينظير جا زور دار نعرا ھڻندا رھيا. ھوڏانھن پي ڊي ايم جو سربراھ مولانا فضل رحمان پڻ سوين گاڏين جي قافلي سان گجرنوالا پھتو .

پنجاب جي عوام جي فيصلي کي ڏسي ۽ حڪومت خلاف ريفرينڊم ڏسڻ  کانپوءِ حڪومتي ترجمانن ۽ وزيرن مشيرن جا حوصلا خطا ٿي ويا اھي جيڪي پنھنجن جلسن ۽ ڌرڻن ۾ ماڻھن کي تفريح ڏيارڻ لاءِ مجرا ڪمپني جو سھارو وٺندا ھيا اھي ابتيون سبتيون ڳالھيون ڪرڻ لڳا. شبلي فراز چوڻ لڳو تـ پنڊال کي نـ ڀري سگھڻ جي خوف سبب اپوزيشن وارن شروع کان اسٽيج لڳائڻ بجاءِ وچ گرائونڊ تي اسٽيج لڳايو آھي ھن چيو تـ حڪمران پنڊال ڀري نـ سگھندا پر انھن جي منھن تي چماٽ ان وقت لڳو جڏھن متحدا اپوزيشن جي ريلين ۽ سربراھن جي قافلن جي اچڻ کان اڳ ئي گجرانوالا جي عوام حڪمرانن کان بيزاري ڏيکاريندي پنڊال ۾ اچي پنڊال کي ڀري ڇڏيو ھيو ان وقت تـ انھن ڪرائي جي ترجمانن جي منھن تي چماٽ لڳو ھوندو جڏھن جيو نيوز وارن انجي مشھور اينڪر ماياناز صحافي حامد مير انھن جي ڪوڙ کي عوام آڏو وائکو ڪرڻ جي لاءِ پنڊال ۾ اچي شروع کان اسٽيج لڳل ڏيکاري کين اھو ٻڌايو ھيو تـ ھي اسٽيج ان جڳھه تي لڳل آھي جنھن جڳھ تي پي ٽي آءِ وارن اسٽيج لڳائي جلسو ڪيو ھيو ھا ھڪ ڳالهھ ضرور آھي ھن جلسي گاھ ۾ جيڪي ماڻھون اڄ جي جلسي ۾ شريڪ آھن ان جي اڌ جيترا ماڻھون بـ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ شريڪ نـ ٿيا ھيا. رات دير تائين ھلندڙ جلسي ۾ جڏھن سربراھن جا قافلا پھتا تـ ان کان اڳ سمورو پنڊال ڀرجي ويو ھيو جيتراماڻھون جلسي گاھ ۾ موجود ھيا ان جي اڌ کان وڌيڪ ماڻھون جلسي گاھ کان ٻاھر بيٺل ھيا پورو گجرانوالا جلسي گاھ بڻجي ويو ھيو

حڪومتي سازشن باوجود مختلف روڊن رستن تي ڪنٽينر ھڻي عوام کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پنجاب پوليس جا اھڪار روڊن تي بيھاري ايندڙ قافلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي مطلب تـ حد کان وڌيڪ پوليس گردي ڪئي وئي تنھن باوجود عوام پوليس گردي کي نامنظور  ڪندي تمام رڪاوٽون ٽوڙي جلسي گاھ پھتا

ھوڏانھن حڪومتي ترجمان پڻ وائڙائپ جو مظاھرو ڪندا رھيا پنجاب جي ترجمان فياض چوھان ڪريل ڳالھيون ڪندي چيو تـ ھي ڪھڙي منھن سان گڏ ٿيا آھن جيڪي ھڪ ٻئي کي چور چور چوندا رھيا ھڪ ٻئي کي لٽڪائڻ جي ڳالھ ڪندا رھيا فياض چوھان صاحب کي ڪير اھو چوي تـ اوھان جو سربراھ چوندو ھيو تـ مان جيڪڏهن وزيراعظم ٿيس تـ شيخ رشيد کي پنھنجو چپراسي بـ نـ رکندس اھو پڻ چوندو رھيو تـ ايم ڪيو ايم وارا دھشتگرد قاتل آھن جن تي پابندي لڳائڻ لاءِ نـ صرف پاڪستان پر انگلينڊ آمريڪا بـ ويو ھيو ۽ پنجاب جا جيڪي سڀ کان وڏا چور۽ ڊاڪو ھيو اھي ق ليگ وارا اڄ سندس سان گڏ آھي قاتل اڄ نفيس بڻجي ويا آھن ۽ شيخ رشيد اڄ ھن فياض چوھان تـ ڇا پر پوري پي ٽي آءِ جي وزيرن مشيرن کان وڌيڪ پيارو آھي عمران خان کي بيان ۽ تنقيد کان اڳ پاڻ تي بـ نظر وجھڻ گھرجي رھي ڳالھه ن ليگ ۽۔  پ پ پ جي پراڻي سياسي اختلافن جي تـ عوام خاطر اھي اڄ جيڪڏھن گڏ ٿيا آھن تـ اھي ھن وقت گڏ ناھن ٿيا شھيد راڻي جي ھوندي ن ليگ ۽ پ پ پ پاران جمھوريت کي بچائڻ لاء سمورا اختلاف ختم ڪري چارٽر آف ڊيموڪريسي ذريعي ٺاھ ڪيو ھيو اھو ٺاھ شھيد راڻي ڪيو ھيو صرف عوام جي ڀلائي خاطر اڄ ان چارٽر آف ڊيموڪريسي تحت ھي گڏجي ڪٺپتلي سليڪٽيڊ حڪومت خلاف تحريڪ ھلائي رھيا صرف ھڪ جلسي  کانپوءِ سڀ وائڙا ٿي ويا آھن. حڪمرانن جي اتحاد ۾ ھڪ جلسي  کانپوءِ ئي ڏار پوڻ شروع ٿي ويا آھن ڪالهھ وزيراعظم پاران گھرايل سندس پارلياماني اجلاس ۾ سندس جا پنھنجا نمائندا ڏمريل ڏسڻ ۾ آيا انھن ايترو بـ کين چيو تـ  ھنن وزيرن جي ڪري اھو ڏينھن پري ناھي جو ماڻھون اوھان جو استقبال ڪنن انڊن ۽ ٽماٽن سان ڪندا ھڪ جلسي حڪمرانن کي لوڏي ڇڏيو آھي اڃا تـ منزل پيل آھي اڄوڪي ڪراچي جي جلسي  کانپوءِ اڃا گھڻا بت ڪرندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.