ٽنڊي محمد خان ۾ 18 آڪٽوبر واري جلسي جي ڪاميابي لاءِ جاڳرتا ريلي

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر )ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ پيپلز يوٿ جي ڪارڪنن 18 آڪٽوبر تي حڪومت مخالف اتحاد جي تاريخي ڪارساز سانحي واري جلسي ۾ عوامي شرڪت لاءِ جاڳرتا ريلي ڪڍي عوام کي شرڪت ڪرڻ تي زور ڀريو آهي ، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ پيپلز يوٿ جي اڳواڻن ضلعي جنرل سيڪريٽري رازق خان يوسفزئي ، سٽي صدر عديل ڀٽي ، روشن کوسو ، شهريار خاصخيلي ، مخدوم وقار قريشي ، سيد شوڪت شاھ ، جاويد وساڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي ويئي جنهن کانپوءِ اڳواڻن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ذريعي وفاقي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي اندر سياسي انتقامي ڪاروائين کي حڪومت جي نااهلي قرار ڏنو آهي ۽ عوام کي 18 آڪٽوبر کي ڪراچي ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.