ٻيٽن تي ٿيندڙ احتجاج کي روڪڻ مذمت جوڳو عمل آهي

ايڊيٽوريل

ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي  قبضي جون ڪوششون 2006ع کان شروع ٿيون هيون جيڪي تاحال جاري آهن، ان عرصي جي وچ ۾ پڻ ڪوششون ٿينديون رهيون جن کي سنڌي عوام پنهنجي قومي ايڪي ۽ اتحاد سان ناڪام بڻايو، وفاقي حڪومت پاران هن دفعي جيڪي ڪوششون ڪيون ويون آهن، اهي به هڪ سازشي پيرائي ۾ ئي ڪيون ويون آهن، جنهن سان ڪنهن حد ۽ حال ۾ سنڌ حڪوت جا اهم ماڻهو ۽ حڪومتي ذميوار پڻ شامل رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ڪاموراشاهيءَ مان پڻ ڪجهه اهم عهدن تي مقرر ڪامورن پنهنجن آئيني ۽ قانوني ذميوارين کي لانگهي وفاقي حڪومت جي هر غلط عمل جي تائيد ڪئي ۽ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ غير آئيني طور تي وفاق جي حولي ڪرڻ واري ڪوشش جو حصو رهيا.

ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاق ڪيترن ئي نمونن سان پنهنجي مالڪي ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، پهريان چيو ويو ته سنڌ حڪومت ٻنهي ٻيٽن تي شهر جوڙڻ جي اين او سي ڏني آهي، وري ڪڏهن اهو ٿو موقف سامهون اچي ته ٻئي ٻيٽ قاسم پورٽ جو حصو آهن ۽ قاسم پورٽ وفاق جي ملڪيت آهي تنهنڪري ٻئي ٻيٽ به وفاق جي ملڪيت آهن ۽ وري اهو  به چيو ٿو وڃي ته، ٻئي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ انهن جي ترقيءَ کانپوءِ جيڪا به آمدني حاصل ٿيندي اها سنڌ کي ملندي، وفاقي حڪومت رڳو پرڏيهه مان ايندڙ سرمائيڪاريءَ ۾ دلچسپي رکي ٿي. وفاق جي اهڙن بيانن بعد جن ۾ نه ته ڪا قانون جي شق شامل هُجي ٿي ۽ نه ئي ڪو منطق موجود هُجي ٿو.

ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي جڏهن سنڌي عوام سراپا احتجاج بڻجي ويو ته مجبورن پيپلز پارٽيءَ جي قيادت منهن جي ڦڪائيءَ سان اهو اعلان ڪيو ته پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، ڪالهه تائين سنڌ جي وڏي وزير وري اهو به فرمايو ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪڏهن به وفاق کي ڪابه اين او سي جاري نه ڪئي آهي.

مٿي جيڪا به صورتحال آهي، اها تڏهن جنم وٺي ٿي جڏهن پورٽ ۽ شپنگ واري وفاقي وزير علي زيديءَ سنڌ حڪومت جي لينڊ يوٽيلائزيشن کاتي جي چيئرمين جو اهڙو ليٽر پڌرو ڪيو جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت کي ٻيٽن تي ترقياتي ڪمن ڪرڻ لاءِ آڇ ڪري ٿي“، وفاقي وزير جي اهڙي خط ظاهر ڪرڻ بعد سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري وئي ۽ سخت احتجاجن جو سلسلو جاري ٿيو، جيڪو تاحال جاري آهي ۽ ان ۾ توسيع ٿيندي پئي وڃي.

سوال هي آهي ته لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي چيئرمين جي هڪ خط کي بنياد بڻائي وفاق سنڌ جي سرزمين ۽ سامونڊي حدن تي قبضو ڪئين ٿو ڪري سگهي، ڇا لينڊ يوٽيلائيزيشن ڪميشن جو چيئرمين ڪا اهڙي وڏي اٿارٽي آهي جيڪا حڪومت کان به مٿي آهي، سنڌ جي ڪابينا کان مٿي آهي، سنڌ جي وڏي وزير کان مٿي آهي، سنڌي عوام کان مٿي آهي، ٻيٽن تي پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جي ٿڌي ۽ وچٿري پاليسي اڄ به ٻيٽن متعلق پيپلز پارٽيءَ جي ڪردار کي شڪي بڻائي رهي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيپلز پارٽي چٽو ۽ واضع موقف اختيار ڪري جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اسميبليءَ جي ايوان جو سهارو حاصل هُجي.

ٻيٽن جي معاملي تي هڪ ٻيو افسوس جوڳو رخ اهو آهي ته سنڌي عوام جنهن موقف جو شروع واري ڏينهن کان اظهار پئي ڪيو آهي، ته وفاق ناجائز نموني سان سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪيو آهي، اهو موقف ان وقت درست ثابت ٿيو جڏهن سنڌ فشر فوڪ آرگنائيزيشن جي سڏ تي سنڌ جي ساڃاهه وندن، سياسي قيادت، مختلف پارٽين جي وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ قيادت سوين ٻيڙين ۾ چڙهي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي پهچي احتجاج ڪرڻ چاهيو ته کين سامونڊي رستي ۾ هٿياربندن زبردستي روڪي کين ڌمڪايو، نه فقط هڪ هنڌ تي پر ڪيترن ئي هندن تي ٻيڙين ۾ سوار مظاهرين جي سامهون بندوقون تاڻي بيهي رهيا ۽ انتهائي سخت رويو اختيار ڪيو.

اسين سمجهون ٿا ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي پهچڻ کان روڪڻ واري جيڪا ڪارروائي ٿي آهي، ان اهو ثابت ڪيو آهي ته ٻنهي ٻيٽن تي وفاق جي نالي ۾ قبضو ڪيو ويو آهي ۽ ان قبضي کي وفاق جي نالي ۾ هر صورت ۾ مقدم رکڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، وفاقي ادارن جي اهڙين ڪوششن مظاهرو ڪندڙن کي انتهائي اشتعال ۽ چڙ پڻ ڏياري تنهن هوندي به مظاهرين انتهائي پر امن نموني پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائي واپس ڪناري تي پهتا،  اسين سمجهون ٿا ته وفاقي ادارن جي اهڙي هر ڪوشش مذمت جوڳي آهي، جڏهن ته اهڙين ڪوششن سان گڏ هر وفاقي اختياريءَ جي ڪوشش پڻ مذمت جوڳي آهي.

هن موقعي تي اسين پيپلز پارٽي سنڌ جي حڪومت کي پڻ اهڙي صلاح ڏيون ٿا ته هو به احتجاج ڪندڙن سان وفاقي ادارن ۽ اختيارين جي اهڙي رويي جي نه صرف سياسي طور تي پر سرڪاري طور تي پڻ احتجاج ڪري ان جي مذمت ڪن. اسان اهو به سمجهڻ ۽ چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته وفاقي حڪومت کي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي اهڙي ڪنهن به قسم جي تعمراتي سرگرمي نه ڪرڻ گهرجي جيڪا ان مسئلي جي شدت کي ويتر سنگين بڻائي ڇڏي، وفاقي اختيارين کي گهرجي ته سنڌي عوام، بلوچستان جي قيادت ۽ جماعت اسلاميءَ پاران ٻيٽن متعلق قومي اسميبليءَ ۾ پيش ڪيل قرارداد ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٺهرائن سميت سمورن احتجاجن کي مان ڏندي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي وسيلن ۽ ٻيٽن تي سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي حقن کي تسليم ڪري ۽ ملڪ ۾ امن ۽ ڀائچاري جو ماحول بڻائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.