بنگلاديش ۾ ”جنسي زيادتي“ تي موت جي سزا جو قانون لاڳو

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي صدر عبدالحامد ريپ يا جنسي زيادتي جي ڏوهارين لاءِ موت جي سزا جي قانون تي صحيحون ڪري ڇڏيون.

هلندڙ مهيني جي مُنڍ ۾ مردن جي هڪ گروپ طرفان جنسي زيادتي جي هڪ واقعي جي سوشل ميڊيا تي ويڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ بنگلاديش جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پرتشدد مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو.

پوليس ان سلسلي ۾ هيل تائين 8 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي چڪي آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ بنگلاديش ۾ جنسي زيادتي جي وڌ کان وڌ سزا عمر قيد هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.