ڪنب ۾ ڪوٽڏيجي جي صحافي جي ڌي ءَ سان ڏاڍائي ڪوشش ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪنب ( ن ع آ  )ڪوٽڏيجي جي سينيئرصحافي  خان محمد ملاح جي نياڻي سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب ڪنب جي صحافين سانول ڳاھو, مريد راڄپر, ذاڪر حسين،نويد تمراڻي, مشتاق شيخ خدا بخش تمراڻي , غلام الله سيال بخش علي  شنباڻي ۽ ٻين پاران احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي صحافين چيو ته ڪوٽڏيجي جي سينيئر صحافي  خان محمد ملاح جي نياڻي سان خيرپور ۾ ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي وئي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ھجڻ باوجود خيرپور پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ناھي سگھي ھنن چيو ته صحافي جي نياڻي سان ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻيء صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.