سنڌوءَ تي گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير شروع

گهوٽڪي ( ڊ ر ) قادرپور جي ڪچي واري علائقي سنڌو درياءَ  تي گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل اڏڻ لاءِ ڊرلنگ وارو ڪم شروع ٿي  ويو آهي ،ڪچي واري علائقي ۾ ٻنڊي جي طرف کان سنڌو درياء تي اڏجندڙ پل جو پھريون مرحلي وارو ڪم ڊرلنگ ۽ مٽي جي چڪاسڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو آھي ،مليل ڄاڻ موجب پل جو مڪمل ڪم هڪ پرائيويٽ ڪمپني جي هٿان شروع ڪيو ويو آهي , جيڪو اڍائي سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو،ڪمپني پاران ڪمئپ قائم ڪري پل جي تياري لاء مشينون ۽ ٻيو سامان پهچايو ويو آهي ،پھرين مرحلي م  مٽي جي چڪاس پُل جا پلر درياہ اندر رکيا ويندا، ڄاڻ موجب گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي ڊيگھ 34.5 ڪلو ميٽر آهي ،گهوٽڪي جي طرف کان پل جي ڊيگھ 12.8 ڪلو ميٽر آهي ، ۽ ڪنڌڪوٽ واري سائيڊ کان پل جي ڊيگھ 15.2 ڪلو ميٽر آهي  , پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ  تحت پل جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو , جڏهن ته پل جي اڏاوتي ڪم شروع ٿيڻ سان گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي عوام ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي آهي،   ڇو ته هن پل جي تعمير سان درياء جي ٻنهي پاسن آباد قبيلن جوخواب هو پراڻي خواب ساڀيان ماڻڻ طرف وڃي رهيو آهي ٻيو ته ٻنهي پاسي آباد قبيلن جو صدين کان قائم رابطو ويتر مضبوط ٿيندو ۽ امن کي هٿي ملندي ۽ قبيلن وچ ۾ هم آهنگي واري ماحول پيدا ٿيندو. سنڌو درياءَ تي گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جي جاءِ تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. جيڪا ڪنڌڪوٽ bypass کان گهوٽڪي جي سردار خان گهوٽو جي ڳوٺ لڳ نڪرندي، هن وقت گڊو بئراج ذريعي 2 ضلعن جي وچ ۾ فاصلو 151 ڪلو ميٽر آهي جيڪو صرف 30 ڪلو ميٽرن تائين رهجي ويندو، جنھن سان سنڌو دريا جي کاٻي پاسي کان گهوٽڪي، پنو عاقل، ميرپور ماٿيلو، صالح پٽ ۽ ساڄي پاسي کان ڪنڌڪوٽ، غوثپور، ڪشمور، ٺل وارن علائقن کي فائدو پهچندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.