ٽنڊو باگو ۾ واپارين جو مال پڙي جي ٺيڪيدار خلاف مظاهرو

ٽنڊوباگو ( ن ع آ ) ٽنڊوباگو ۽ پنگريو جي واپارين جو تلھار مال پڙي جي ٺيڪيدار خلاف ٻئي ڏينھن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ٺيڪيدار جي زيادتين ۽ ڊبل في جي غير قانوني وصول روڪائي وڃي مظاھرين ,خبر موجب ٽنڊوباگو ۽ پنگريو جي مختلف مال جي واپارين مير محمد ڪاتيار محمد رفيق احمداڻي نور حسن ميراڻي شاھنواز ڪاتيار محرم ۽ منظور ڪاتيار جي اڳواڻي ۾ مال جي واپارين  تلھار مال پڙي جي ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪندي الزام ھڻندي چيو ته تلھار مال پڙي جو ٺيڪيدار اسان کان پنھنجن ھٿياربند ماڻھن جي مدد سان ڍور جي لکائي تي ڊبل پئسا وصول ڪري ٿو ھنن چيو پھرين اسان کان وڏي ڍور تي لکائي جا 800 سو ورتا ويندا ھئا ۽ ھن وقت موجوده ٺيڪيدار پاران وڏي ڍور تي 3000 ھزار جڏھن ت ننڊي ڍور تي ھڪ سو جي جا۽ تي اسان کان 500 سو ورتا پيا وڃن اسان پاران اعتراض ڪرڻ تي ٺيڪيدار جا لٺ بردار ھٿياربند اسان کان وڪرو ڪرڻ لا۽ کڻي ايندڙ مال کسي بيھاري ٿا ڇڏين  اسان جي ڪير ب نٿو ٻڌي ھنن چيو ت بااثر ٺيڪيدار سرڪاري شيڊول کان ھٽي ڪري زبردستي ٻيڻي وصولي ڪئي پئي وڃي ھنن وزير اعلي سنڌ سيشن جج بدين ۽ ڊي سي بدين کان فورن ائڪشن کڻندي ٺيڪيدار پاران وصول ٿيندڙ ڍبل ٽئڪس بند ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.