سکر: ڪانڌڙا برادري پاران عورتن جي اغوا خلاف احتجاج

سکر ۾ ڪانڌڙا برادري جي ماڻهن پاران چئن عورتن کي اغوا ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ جهنگل خان جي رهواسين زاهد حسين ڪانڌڙو، غلام مرتضي، ظهرا خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته 2014 ۾ جوابدار امان الله ڪانڌڙو ۽ ٻين شمشاد خاتون کي ٽن ڌيئرن دادلي، رمشا ۽ گلزار خاتون سان گڏ شهر گهمائڻ بهاني وٺي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي جن جو هن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو ناهي، هنن چيو ته واقعي جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي پر خيرپور پوليس هن مهل تائين مغوي عورت کي ڌيئرن سميت آزاد ناهي ڪرائي سگھي،

احتجاج ڪندڙن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عورتن کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي …….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.