مخالف ڌر جو ايف اي ٽي ايف تي شروع کان ٻٽو معيار رهيو: شاه محمود

اسلام آباد( م ڊ)  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف بل تي مخالف ڌر جو  شروع  کان ٻٽو معيار هو. ميڊيا سان  ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر اڳ ۾ چيو ته   ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي ۾ مدد لاءِ تيار آهيون  پر بل پاس ٿيڻ وقت رنڊڪون وڌيون ويون. هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بل پاس ڪرائي ايوان ۾ هڪ فون ڪال تي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ڇا اهو ٻٽو معيار ناهي.  شاهه محمود چيو ته ڀارت اسان کي بليڪ لسٽ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن بل پاس نه ڪيو وڃي ها ته ڪنهن جي ايجنڊا کي مضبوطي ملي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.