ٻن نار رياستن ۽ اسرائيل ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي تاريخي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.

واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ميزباني ۾ ٿيل تقريب ۾ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو، بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته هيل تائين رڳو مصر ۽ اردن، منعيٰ ٻن عرب رياستن جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم رهيا آهن.

نئين معاهدي تي صحيحن کان اڳ ئي فلسطينين، ايران ۽ ترڪي تنقيد ڪندي ان تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.