سيٺارجا ۾ پوليس ڪاهه، عورتن تي تشدد، هڪ ڄڻو کنڀجي ويو، احتجاج

سيٺارجا (ن ع آ)سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد پريل شر جي رهواسين محمد الدين شر، الهڏنو شر ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته گذريل رات مختلف چار ٿاڻن جي پوليس اسان جي گهرن تي  چڙهائي ڪري چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي اسان جي همراهه عبدالرزاق ولد محمد الدين شر کي بنا ڪنهن ڪيس ۽ جواز جي کنڀي کڻي ويا جنهن جو ڪوبه ڏس پتو نه پيو ٻڌايو وڃي هنن چيو ته اسان شريف ماڻهون آهيون نه ڪنهن ڏوهه  ۾ ملوث آهيون نه ڪنهن ڏوهاري سان واسطو آهي ان باوجود پوليس خبر ناهي ڪنهن جي ونگار وهندي اهڙي ڪاروائي ڪئي آهي هنن آءِ جي سنڌ سميت اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته پوليس جي اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.