”گهڻي ڪرپشن ٿيندي ته گهڻا ڪيس ٺهندا، گهڻا ڪيس ٺهندا ته ضمانتون وڌنديون“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته جڏهن گهڻي ڪرپشن ٿيندي آهي ته گهڻا ڪيس داخل ٿيندا آهن ۽ هڪ طرفي احتساب واري تاثر جي سختي سان نفي ڪيان ٿو جانبداري رڳو انهن ماڻهن کي نظر ايندي آهي جن جي اکين تي تعصب جي پٽي ٻڌل آهي.

نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب جي ڪاميابي جو سهرو رڳو چيئرمين جي لاءِ ناهر پر سڄو عملو ڀيٽا جو حقدار آهي. اِها ئي ڪوشش رهي آهي ته ڪو بي بنياد ڪيس نه بڻي. اِهو ممڪن آهي ته اڻڄاڻائي ۾ ٿيل غلطي سان سئو ارب جا 5 سئو ارب ٿي وڃن پر ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف ڪوڙو ڪيس ناهي ٺاهيو ويو. اسان کي به الله کي جواب ڏيڻو آهي، ان ڪري هر ڪيس جو باريڪي سان جائزو ورتو ويندو آهي.

هن چيو ته ڪڏهن ڪنهن بي گناهه جي خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي. پهرين ڏينهن اِهو فيصلو ٿيو ته نيب فيس (چهرن) کي نه ڪيس کي ڏسندو. آئون ان تاثر جي سختي سان نفي ڪيان ٿو ته احتساب جانبداراڻو آهي. اهڙو انصاف انهن کي نظر ايندو آهي جن جي اکين تي تعصب جي پٽي ٻڌل آهي.

ڪرپشن وڌندي ته ڪيس وڌندا:

هن چيو ته ماضي جا چيئرمين به محنت سان ڪم ڪندا رهيا. اسان ان کي اڳتي کڻي وڌياسين. اسان 2017ع کان پوءِ وڌيڪ محنت ڪئي جنهن جي ڪري وڌيڪ ڪيس رجسٽرڊ ٿيا. ان جو سبب اِهو آهي ته جڏهن گهڻي ڪرپشن ٿيندي ته گهڻا ڪيس رجسٽرڊ  ٿيندا. اهڙي ريت جڏهن وڌيڪ ڪيس رجسٽرڊ ٿيندا ته وڌيڪ ضمانتون ملنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.