شڪارپور ۾ عورت جو مڙس خلاف احتجاج، تشدد جا الزام

شڪارپور (ڊ ر) ڳڙھي  ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ جتن جي ڪڙي وڏا ڪيھر ڪنڌر جي رھواسيڻ مسمات صائما  جمالي کي پنهنجي مڙس  ٻڪري چوري ٿيڻ تي لٺين ۽  ڪھاڙين سان  جسم تي وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان  شڪارپور پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو احتجاج ڪندي   زخمي عورت ٻڌايو ته  منهنجو مڙس وڏو ظالم آهي مون تي ڪوڙا الزام ھڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي،  زخمي حالت ۾ شڪارپور  پھتي آھيان مون کي 6 ٻارن جي اولاد آهي. منهجي مڙس جي ٻئي شادي به ٿيل آهي ھو پنهنجي گھرواري ۽ اولاد سان گڏ مون تي ۽ منهنجي اولاد تي روزانو تشدد  ڪندو آھي پوليس منهنجي ڪا به مدد نه ٿي ڪري، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته زيادتين جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.