سجاول جوڻيجو لڳ زال وٺڻ آيل همراهه تي ساهرن جو تشدد، رتورت

سجاول جوڻيجو ( ت ر ) سجاول جوڻيجو لڳ عرضي ڀٽو ۾ زال وٺڻ لاءِ  ڳوٺ خيروديرو واسي شمشاد پٽ امداد ھليو سھري ۽ سالن ھٿان  ڏانڊا لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، زخمي شمشاد ھليو سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي پھچي  دانھيو ته پيءُ   وٽ گھمڻ لاءِ  آيل زال کي واپس وٺڻ ويس ته  سھري  پنھنجي پٽن  سان گڏجي مون کي زال ڏيڻ بدران  منھنجي مٿان بنا سبب ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب آءُ زخمي ٿي پيس،  جڏهن ته پوليس زخمي جي فرياد تي بشير ڪوري رفيق سجاد ڪوري سميت چئن ڄڻن مٿان اين سي داخل ڪري ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ھوڏانھن بشير ڪوري رابطي تي ٻڌايو تـ شمشاد ھليو بنا سبب منھنجي نياڻي تي تشدد ڪندو ھو جنھن سبب ان کي پـنھنجي ڌيءَ ڏيڻ کان انڪار ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.