ايجنسيون ماڻهو نٿيون کنڀي سگهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر مان 50 ڄڻن جي کنڀجي وڃڻ وارو مامرو سنجيده  آهي، رياست جي رِٽ ڪٿي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گُم ٿيل شهري عبدالقدوس جي بازيابي لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته عبدالقدوس گهر پهچي ويو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته عبدالقدوس حفاظت سان گهر واپس پهچي ويو آهي، مسنگ پرسنز جو مامرو وزيراعظم تائين پهچي ويو، گهرو کاتي جي سيڪريٽري چيو ته عدالت جي هدايت تي شهرين جي گم ٿيڻ وارو مامرو وفاقي ڪابينا آڏو رکيو ويو آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته مسئلو وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا تائين پهچائڻ اسان جو مقصد هو، عدالت پاڻ وڃي ڪنهن کي بازياب نٿي ڪرائي سگهي، قانون موجب رڳو پوليس، سي ٽي ڊي، ايف آءِ اي ڪارروائيون ڪري سگهن ٿا، باقي ايجنسيون نٿيون ڪري سگهن، ايجنسيون اهو ڪم ڪنديون ته اها قانون جي ڀڃڪڙي هوندي ۽ وفاقي حڪومت ان جي ذميوار هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.