ريڊ زون ۾ ايم پي اي جي مڙس سان جهيڙي واري معاملي تي جج معطل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر عابده راجا جي مڙس سان ٿيل جهيڙي تي ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ کي معطل ڪيو ويو.

 رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ جي معطلي وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل سيشن جج جهانگير اعواڻ کي چارج فوري ڇڏڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ نئين حڪم تائين معطل رهندو.

خيال رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ پرڏيهي کاتي جي آڏو موجود پيٽرول پمپ تي جوڊيشل آفيسر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب اسيمبلي ميمبر عابده راجا جي مڙس ۾ جهيڙو ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.