وفاقي حڪومت جو مدرسن ۾ نصاب جي تبديلي لاءِ ضمني گرانٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ديني مدرسن لاءِ 9 ڪروڙ 62 لک رپين جي ضمني گرانٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب تعليم ۽ تربيت واري وزارت گرانٽ جاري ڪرڻ جي سمري تيار ڪري ورتي آهي، اها گرانٽ مدرسن ۾ بنيادي سهولتن ۽ نصاب جي تبديلي جي قدمن تي استعمال ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت معذور ماڻهن جي اسڪيم تحت ڪارن جي ڪارن جي ڪسٽمز ڊيوٽي فري امپورٽ جي نئين ترميمي پاليسي به تيار ڪئي آهي، پاليسي ۾ معذور ماڻهن کي سفري سهولت ڏيڻ جي حوالي سان تجويزون شامل آهن.

انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي موبائل نيڪ ورڪس رولنگ اسپيڪٽرم اسٽريٽيجي 23-2020 به تيار ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب ٽنهي سمرين کي منظوري لاءِ 16 سيپٽمبر تي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.