ٿر ۾مڇرن جو آزار وڌي ويو، رهواسي راتيون جاڳڻ تي مجبور

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر ۾ مڇرن جو آزار،اسپري نہ ٿيو،لکين ماڻهو راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور،انتظاميا خاموش،شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ،ڌ ٿرپارڪر ضلعي ۾ پيل تازين برساتن بعد صفائي جو نظام درهم برهم هجڻ ڪري مڇرن سميت زهريلن جيتن جو آزار وڌي ويو آهي،جنهن سبب مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ڪلوئي،ننگر پارڪر،ڏانو ڌانڌل،چيلهار سميت 26 سئو ڳوٺن ۾ مڇرن رڻ ٻاري ڏنو آهي،شهرن ۾ گندگي وڌڻ ۽ ڪنو پاڻي گهٽين توڙي روڊن تي بيٺل هجڻ ڪري مڇرن مُنهن ڪڍيو آهي،مڇرن جي آزار سبب ٿر جا لکين رهواسي راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،ڳوٺن ۾ پاڪستان ٺهي کان وٺي اڄ تائين ڪڏهن اسپري ناهي ٿي سگهيو،ضلعي ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد شھرن ۾ گندگي وڌي وئي آھي،مٺي،اسلام ڪوٽ سميت ٿرپارڪر جي شھري علائقن جي مختلف ڪالونين ۾ پاڻي بيهڻ توڙي پاڻي جي لنگهن سبب ڪيترن ئي روڊن رستن گلين ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا آھن،پر انتظامي لاپرواهي سبب ڪٿي بہ صفائي ناهي ٿي سگهي،شھرن ۾ اڪثر بيلدار پڻ ڊيوٽين بدران وڏيرن جي بنگلن ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آھن تہ ٻئي پاسي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ برسات دوران تارون خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي مٺي شھر جو پيئڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي،جنهن ڪري شھري ٻيڻي عذاب ۾ اچي ويا آھن،پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن جي روايتي سستائي جي ڪري واپڊا اختياريون نيون تارون لڳائي ڏيڻ جي زحمت نہ ڪئي آھي،جنهن ڪري شھري پاڻي ڳري اگھ تي خريد ڪرڻ تي مجبور آھن،ذريعن موجب ٽينڪر مافيا سان ڳٺ جوڙ هجڻ ڪري بجلي تارن جو جواز بنائي ڄاڻي واڻي دير ڪري ٽينڪر مافيا کي فائدو رسايو پيو وڃي،اسلام ڪوٽ شهر ۾ بہ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي،پر انتظاميا صفائي سميت پيئڻ جي پاڻي جي مسئلن تي ڪو ڌيان ناهي ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.