ٽنڊو غلام حيدر جو ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ٻڏل، چونڊيل نمائندا گم

ٽنڊوغلام حيدر(رپورٽ:غلام مرتضي لغاري) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ مير محمد لاشاري اڃا تائين برساتي پاڻي ۾ ٻڏل برسات کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين گهرن ۽ فصلن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو برسات جي گندي پاڻي سبب ڳوٺاڻا مليريا ۽ چمڙي جي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ته ٻئي پاسي غريبن جا ڪچا گهر ڪرڻ بعد متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل،جڏھن ته ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا سميت چونڊيل نمائيندن به ٻڏل ماڻھن جي اڃا تائين مدد نه ڪئي انساني زندگيون برساتي ۽ گٽرن جي گندي پاڻي ۾ ڦاٿل ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عرض محمد لاشاري،اڪبر لاشاري،محمد سومار لاشاري،رسول بخش لاشاري سميت سوين ڳوٺاڻن صحافين اڳيان سخت احتجاج ڪندي چيو ته برسات کي ڪافي ڏينهن گذري ويا آهن اڃا تائين گهرن مان برسات جو گندو پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو گهرن ۾ پنج فٽ پاڻي بيهڻ بعد معصوم ٻارڙا مليريا ۽ خارش جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن انتظاميا اڳيان بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود اڃا تائين گهرن ۽ گهٽين مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿيو وڏي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته برسات سبب ڪچا گهر بهڀڪري پيا آهن متاثر بي يارو مددگار آهن جنبکي اڃا تائين خيما به ناهين مليا،هنن چيو ته وس وارا نوٽيس وٺي ڳوٺ مان برسات گندو پاڻي نيڪال ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.