ڄام نواز علي (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته وفاق طرفان سنڌ کي کربين رپيا مليا، جيڪي ڪرپشن ۾ هليا ويا، انهن جو ڪڙو احتساب ٿيڻ گهرجي.
اهڙن خيالن جو اظهار صدر عارف علوي ڄام نواز علي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ڄام ذوالفقار علي جي ڏنل مانجهائيندي ۾ شرڪت کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
هن چيو ته سنڌ ۾ برسات سان جيڪو نقصان ٿيو آهي، پ پ حڪومت ان کي سياسي اشو ٺاهي پنهنجي من پسند علائقن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ لاوارث ناهي، ٻوڏ متاثرن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏينداسين، پ پ ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪن ته ملڪ خوشحال ٿي سگهي ٿي.
عارف علوي چيو ته ميڊيا برسات تي رڳو ڪراچي کي ظاهر ڪيو پر سڄي سنڌ ۾ تباهي ٿي آهي، گورنر برسات متاثر علائقن کي مانيٽر ڪري رهيو آهي، منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو واسطو ناهي، ملڪ جو صدر آهيان، حڪومت ۽ رياست جو رشتو مضبوط هوندو ته غريبن جي مدد ٿيندي.
ان موقعي تي صدر عارف علوي برسات متاثرن ۾ راشن پڻ ورهايو.