لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺاڻن پاران ڦر جي واقعي خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺاڻن پاران ڦر جي واقعي خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽلعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺاڻن پاران ڦر جي واقعي خلاف احتجاج

لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ ٺوڙهي بجار جي رهواسين ڦورن پاران روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو،  شبير تونيو ۽ مير عرف بنل کوسي لعلو رائنڪ پريس ڪلب اڳيان پهچي احتجاج ڪندي چيو ته هو غريب مال جو واپار ڪري پنهجي ٻچڙن جو پيٽ پاليندا آهن، هو  موٽر سائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ڊگهه پوليس جي حد ۾ ڪجهه نا معلوم هٿيارن بندن موٽرسائيڪل تي پيڇو ڪري کانئن روڪ رقم 95000 هزار، ٻه عدد موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل ڦري فرار ٿي ويا.  هنن آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن  جي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل موبائل فون ۽ روڪ واپس ڪرائي ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.